English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نواز ليگ، پيپلز پارٽي ۽ وفاقي حڪومت کي اھڙو ڪو اختيار ناھي جو سنڌ ۾ نوان صوبا ٺاهين: زينت سمون
141 views
|
06th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
27ھين ترميم ذريعي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ جو سنڌ دشمن منصوبو جوڙيو ويو آهي: مظھر راھوجو
بدين (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، شھربانو راھوجو بدين ضلعي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن کورواھ، ڳوٺ وڪيو لاشاري، ڪڙيو گھنور ،بدين، تلھار،ننڍو، لواري شريف، ڳوٺ مرحوم نور محمد پنهور، ٽنڊو باگو، ڳوٺ ماڪوڙو ڀيل ۽ ٻين علائقن جو تنظيمي دورو ڪيو ۽ سنڌياڻي تحريڪ جا نوان يونٽ کوليا ويا. ان موقعي تي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون خطاب ڪندي چيو تہ نواز ليگ، پيپلز پارٽي ۽ وفاقي حڪومت کي اھڙو ڪو اختيار ناھي سنڌ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جو، 27 ھين آئيني ترميم جي نالي ۾ سنڌ کي ٽوڙڻ نہ ڏينداسين سنڌ جون لکين سنڌياڻيون مزاحمت ڪنديون نواز ليگ، پيپلزپارٽي ۽ وفاقي حڪومت ھوش کان وٺي سنڌ سان ھميشہ ڏاڍ مڙسي ۽ ويساھ گھاتيون ٿينديون رهيون آهن. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو خطاب ڪندي چيو تہ 27 ھين آئيني ترميم ذريعي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ جو سنڌ دشمن منصوبو جوڙيو ويو آهي. ڪا بہ سنڌ دشمن ترميم ست ڪڙور سنڌي قبول نہ ڪندا. پيپلز پارٽي جي ايجنڊا تي صرف اقتدار ۽ ڪرپشن آھي. سنڌي ماڻھو پنھنجي ڌرتي، درياھ ۽ زمينن کي بچائڻ لاءِ رت آخري ڦڙي تائين وڙھندا ھي نسلن جي جنگ آھي. پيپلز پارٽي ٻھروپي آھي. پيپلز پارٽي اقتدار عيوض سنڌ، سنڌو درياھ، زمينون، ٻيٽ، جبل، ڪارونجهر ڍنڍون ڍنڍورو ۽ وسيلا سڀ وڪڻي ڇڏيا آھن. پيپلز پارٽي 27 ھين آئيني ترميم جي معاملي تي سنڌي قوم سان فراڊ ڪندا. سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ شازيا احمداڻي خطاب ڪندي چيو تہ 27 ھين آئيني ترميم ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف سنڌيو منظم، ڊگھي ۽ ثابت قدم جدوجھد لاءِ تيار ٿيو. چور حڪمران ۽ انھن جا مالڪ ماڻھن کي ڊيڄاري، گھرن ۾ ويھارڻ چاھين ٿا. پاڻ کي خوفزده ناھي ٿيڻون، پاڻ کي حوصلو، ھمٿ، بھادري ۽ سچائي سان پُر امن ۽ ثابت قدم جدوجھد جي ميدان ۾ بيڻو پوندو سنڌ جو ڪا بہ سوديبازي قبول نہ ڪندو. نواز ليگ، پيپلزپارٽي ۽ وفاقي حڪومت سمجھي ڇڏين تہ 7 ڪروڙ سنڌين لاءِ ھي جياپي جي جنگ آھي، ڊگھي جنگ آھي، جيستائين ھڪ بہ سنڌي نياڻي زندھ آھي، تيستائين پنھنجي ڌرتي ،درياھ، زمينن ۽ وسيلن لاءِ جدوجھد جاري رکنديون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
مظھر راھوجو
زينت سمون
قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ
0 تبصرے