English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشھرو فيروز ۾ ضلعي سطح تي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين وچ ۾ ٽيبل ٽينس جا مقابلا
123 views
|
08th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ضلعي جي سمورن تعلقن جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي ٽيمن چيمپيئن شپ ۾ حصو ورتو
نوشهروفيروز (ڊ ر) سنڌ حڪومت جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري وزير ۽ سيڪريٽري جي خاص ھدايتن تي ضلعي اسپورٽس کاتي نوشهروفيروز پاران اسپورٽس ڪامپليڪس نوشھرو فيروز ۾ ضلعي سطح تي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي وچ ۾ ٽيبل ٽينس جا مقابلا منعقد ڪيا ويا . جنھن جي مھمان خاص گورنمينٽ گرلس ڪاليج مورو جي پرنسپال افشان بانو ڪانڌڙو ھئي ، جڏهن ته گورنمينٽ گرلز ڪاليج مورو جي اسپورٽس ڪوآرڊينيٽر ميڊم رابعه ، احسان ڪانڌڙو ، علي جواد سهيل احمد لاشاري (لارا) ۽ ٻين اعزازي مهمان طور شرڪت ڪئي . ان موقعي تي نوشهروفيروز ضلعي جي سڀني تعلقن جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي ٽيمن چيمپيئن شپ ۾ پرجوش حصو ورتو . شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري . ضلعي اسپورٽس آفيسر شهباز خان عباسي سڀني معزز مهمانن جي آجيان ڪئي ۽ کي اجرڪ ۽ ٻيا ثقافتي تحفا پيش ڪيا .تقريب دوران ٻارن لاءِ مختلف تفريحي سرگرميون پڻ منعقد ڪيون ويون ۽ ٻارن کي ٽيبل ٽينس ۽ ٻين راندين بابت آگاهي فراهم ڪئي وئي . ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ ، مهمان خاص ٻارن کي راندين جي اهميت کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته شاگردن کي تعليمي سرگرمين سان گڏ راندين ۾ به ڀرپور حصو وٺڻ گهرجي . هن چيو ته نوشهروفيروز ضلعي ۾ سنڌ جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري کاتي پاران مسلسل بهترين راندين جا واقعا فراهم ڪيا پيا وڃن ، جنهن جي ڪري ٻارن کي قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي پهچڻ جا موقعا ملي رهيا آهن . هن راندين واري کاتي جي انهن ڪوششن جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته اهڙيون سرگرميون نوجوانن جي روشن مستقبل جي ضمانت آهن . آخر ۾ شرڪت ڪندڙن ، ڪوچز، استادن، والدين ۽ رانديگرن هن ڪامياب تقريب کي منعقد ڪرڻ تي سنڌ جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري کاتي ۽ ضلعي راندين جي انتظاميه جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته نوجوانن جي جسماني ۽ ذهني ترقي لاءِ مستقبل ۾ به اهڙا مقابلا جاري رکڻ گھرجن تہ جيئن تدريسي عمل سان گڏوگڏ صحت مند سرگرمين جي حوصلا افزائي ٿي سگھي . آخر ۾ ڪامياب ۽ بھترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن کي ٽرافيون ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا .
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
v
نوشھرو فيروز ۾ ضلعي سطح
0 تبصرے