English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ۾ رائو بھادر اوڌو داس تارا چند ڇاٻڙيا جي ورسي ملهائي وئي
66 views
|
18th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ( احسان ابڙو ) شڪارپور جي مھان ڪردار رائو بھادر اوڌو داس تارا چند ڇاٻڙيا جي ورسي جي سلسلي ۾ سوشل اينڊ لٽرري فورم ۽ پريس ڪلب شڪارپور طرفان ھڪ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ شھر جي سڄاڻ ڌرين شرڪت ڪري عظيم ھستي کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي اديب ممتاز منگي,شڪارپور پريس ڪلب جي صدر عبدالسلام انڙ,ليکڪ نسيم بخاري,سلطان احمد رند,مکي گوپال داس,ڊاڪٽر راجا سيلرو,حسام ميمڻ,ھمير چانڊيو ۽ ٻين چيو ته شڪارپور سڄي سنڌ ۾ ھڪ منفرد آهي جنهن ۾ ھتان جي عظيم ڪردارن جي ڪمينٽمينٽ شامل آهي,ھنن چيو ته رائو بھادر ھند ۽ سنڌ مان چندو گڏ ڪري اسپتال جوڙائي سندس اڄ به سھن تي جو زمين تي نالو لکيل آهي جنهن پنهنجي خواهش تي اھو نالو لکرايو ھو ته اسپتال ايندڙ مريض سندس نالي کي لتاڙين ته مون کي ذھني سڪون ملندو,ھنن چيو ته رائو بھادر ھڪ عظيم ۽ اعليٰ ڪردار جو مالڪ ھو جنهن جو ھتان جي ماڻهن سان محبت جو جذبو ايمان جي حد تائين ھو جنهن سڀ کان وڌيڪ پاڻ کي عوام لاء ارپيو ۽ چندو گڏ ڪندي ڪندي فوت ٿي ويو,ھنن چيو ته رائو بھادر اھڙو ڪردار آھي جو سندس نالو کڄندي ئي ڪنڌ مٿي ٿي وڄي ٿو جڏھن ته اسان پنھنجي ڪردار تي نظر وجھون ٿا ته ڪنڌ شرم کان جھڪي وڃي ٿو ڇو ته اسان پنھنجي سماجي ڪمينٽمينٽ نه ٿا ننڀايون,ھنن چيو ته سياسي بنگلا ۽ بدترين بيورو ڪريسي نٿا چاھين ته معاشري ۾ سٺي ڪردار وارو ماڻھو اڳتي اچي يا انھن کي ياد ڪجي ڇو ته ان سان اھي ڌٻجي ويندا تنهن ڪري سول سوسائٽي کي پازيٽو ٿيڻ جي ضرورت آھي باقي ھن وقت سوسائٽي زوال جو شڪار بڻيل آھي ۽ سياسي ڪردار ختم ٿي ويا آھن ۽ اھي مافيا جو ڪردار بڻجي چڪا آھن,ھنن وڌيڪ چيو آهي ته عظيم انسان رائو بھادر جي جدوجهد ۽ چندي سان تيار ٿيل شڪارپور اسپتال جي حالت انتھائي خراب ٿي چڪي آھي جيڪا اسپتال نه پر ٽارچر سيل بڻيل آھي جنهن جي بھتري ۽ رائو بھادر جي خواب کي ساڀيان ڏيڻ لاء اسان سڀني کي گڏيل جدوجهد ڪرڻي پوندي،تقريب بعد سڄاڻ ڌرين پاران رائو بھادر اوڌو داس جي يادگار وٽ پھچي ڏيئا ٻاري ۽ گل نڇاور ڪري کيس زبردست نموني سان ڀيٽا پيش ڪئي,تقريب ۾ زاھد ڀنڀرو,وحيد بروھي,جاويد راھوجو,سعيد سومرو,ديدار بلوچ ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
حيدرآباد لاءِ تعليم کاتي ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ ڌار ڌار ٽريفڪ حادثا، عورت سميت 2ڄڻا فوت، هڪ شخص سخت زخمي
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: چليا واسين سان ڪراچي ۾ حادثو، عورت فوت، سندس مڙس زخمي
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي ۾ بند پيل آر او فلٽر پلانٽن بابت صوبائي محتسب سنڌ جو سخت نوٽيس
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اوڌو داس تارا چند ڇاٻڙيا جي ورسي ملهائي وئي
0 تبصرے