عمرڪوٽ: نواب شھمير ٽالپر پاران ڪامريڊ محمد ايوب سولنگي جي پٽن سان تعزيت

عمرڪوٽ: نواب شھمير ٽالپر پاران ڪامريڊ محمد ايوب سولنگي جي پٽن سان تعزيت

عمرڪوٽ ( ڊ ، ر ) نواب تيمور ٽالپر جو فرزند، نواب شھمير ٽالپر، سولنگي پاڙي گجو راڻو ۾ مرحوم ڪامريڊ محمد ايوب سولنگي جي پٽن محمد الياس ۽ محمد ادريس سان ملاقات ڪئي ۽ عذرخواھي ڪئي، ان موقعي تي سندن ساٿ ۾ گھنشام بجير، امام حيدري شاھ، رحمت الله راڄڙ ۽ دليپ مولچنداڻي پڻ موجود هئا، نواب شھمير ٽالپر چيو ته ڪامريڊ محمد ايوب سولنگي هميشه پيپلز پارٽي سان بيٺل رهيو ۽ هر دور ۾ پنهنجي قربانين سان عوام جي خدمت ڪئي، جن کي فراموش نٿو ڪري سگهجي، ملاقات دوران مرحوم ڪامريڊ سولنگي جي سياسي ۽ سماجي ڪردار تي روشني وڌي وئي، ۽ هنن سندن ڪردار کي ياد ڪندي عزت ۽ احترام جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي موجود ٻين اڳواڻن چيو ته ڪامريڊ محمد ايوب سولنگي جي قربانين کي هميشه ياد رکڻ گهرجي ۽ نئين نسل لاءِ هڪ مشعل راهه بڻايو وڃي.