English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
باقراڻي جي ديهه ٺلاهه ۾ اڍائي ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو ويو آهي: ذوالفقار علي ڪمبوهه
239 views
|
16th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هارين محمد موسيٰ ۽ محمد عسيسي زمين تي قبضو ڪيو، يوسي چيئرمين منظور مڱڻ سندن پٺڀرائي ڪري رهيو آهي
ملير (رپورٽ : عبدالرشيد مورجھريو) ريٽائرڊ جج ۽ ميمبر ملير بار ايسوسيئيشن ذوالفقار علي ڪمبوھ عوامي پريس ڪلب ملير ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته ضلعي لاڙڪاڻو جي تعلقي باقراڻي، ديھ ٺلها ڳوٺ حڪيم سنديلو ۾ واقع سندس اڍائي ايڪڙ زرعي زمين تي سندس هارين محمد موسيٰ ۽ محمد عيسيٰ ولد غلام رسول مبينا طور قبضو ڪري ورتو آهي ۽ تيار فصل به پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏي آهي هن چيو ته هن معاملي بابت ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس پي لاڙڪاڻو کي لکت ۾ درخواستون ڏنيون ويون آهن، پر اڃا تائين مبينا قبضي ڪندڙن خلاف ڪا اثرائتي ڪارروائي عمل ۾ نه آندي وئي آهي ذوالفقار علي ڪمبوھ وڌيڪ الزام هنيو ته يو سي محرابپور جو چيئرمين منظور مڱڻ مبينا طور قبضي ڪندڙ ڌرين جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي سندس چوڻ هو ته منظور مڱڻ پيپلز پارٽي تعلقي باقراڻي جو نائب صدر پڻ آهي ۽ پنهنجي اثر رسوخ جو استعمال ڪري رهيو آهي ريٽائرڊ جج جو چوڻ هو ته هو پاڻ معاملو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ لاءِ منظور مڱڻ وٽ ويو، پر مسئلو سلجهائڻ بدران لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ سندس خلاف پريس ڪانفرنس ڪري الزام هنيا ويا، جن کي هن سختي سان رد ڪيو هن ٻڌايو ته ڄاڻايل زرعي زمين سندس والد حاجي محمد صديق سال 2001ع ۾ خريد ڪئي هئي، جنهن تي ڄاڻايل ماڻھون بطور ھاري ڪم ڪري رهيا هئا هن وڌيڪ چيو ته مبينا قبضو ڪندڙن بااثر ماڻهن ذريعي زمين جي ڪاغذن ۾ ردوبدل ڪرائڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي، جيڪا بروقت ڪارروائي سان واپس ڪرائي وئي ذوالفقار علي ڪمبوھ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته زمين تي قبضي جو فوري نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪرائي وڃي، مبينا مداخلت ۽ جعلسازي جي ڪوششن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وڃي ۽ کيس سندس قانوني ملڪيت جو تحفظ فراهم ڪيو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ ايڪسائيز جي رٽائرڊ آفيسر سعيد ميمڻ جي بازيابي لاءِ احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سر ڪيڏاري تي علمي ليڪچر ۽ مشاعرو، ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
ملير بار ايسوسيئيشن ذوالفقار علي ڪمبوھ
0 تبصرے