سجاول )گلشيرميربحر( سجاول ۽ ٺٽي ضلعي جي شيرازي برادران جي لاڙڪاڻي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات، سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ.شيرازي گروپ ٺٽي جي اڳواڻ اڳوڻي ضلعي ناظم سيد شفقت حسين شاھ شيرازي ۽ صوبائي وزير رياض شاھ شيرازي جي اڳواڻي ۾ شيرازي برادران لاڙڪاڻي پهچي نئون ديرو هائوس تي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي کيس عيد جون مبارڪون ڏنيون ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ذريعن موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان پيپلزپارٽي ليڍيز ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر جي موجودگي ۾ شيرازين اھم ملاقات ڪري ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي سياسي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران شيرازين کي ٻنهي ضلعن اندر پيپلزپارٽي لاءِ عملي سياسي ڪم ڪرڻ تي سندن واکاڻ ڪندي کين پارٽي پاران ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي وئي. اُن موقعي تي سيد شفقت شاھ شيرازي جو ڀائيٽو ۽ رياض شاھ شيرازي جو سئوٽ سيد تنوير حيدر شاھہ شيرازي پڻ موجود هو.
0 تبصرے