English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير جي علائقي لٺ بستي ۾ فلوٽنگ جيٽي ۽ جديد ڪميونٽي سينٽر جو افتتاح
143 views
|
22nd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
افتتاحي تقريب ۾ دوست محمد راهمون، سيد آغا رفيع الله محمود عالم ڄاموٽ، فاطمه مجيد ۽ ٻيا شريڪ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي علائقي لٺ بستي ۾ فلوٽنگ جيٽي ۽ جديد ڪميونٽي سينٽر جو افتتاح ڪيو ويو۔ افتتاحي تقريب ۾ سنڌ حڪومت جون اهم شخصيتون شريڪ ٿيون، جن ۾ وڏي وزير سنڌ جو صلاحڪار براءِ ماحوليات، موسمياتي تبديلي ۽ سامونڊي ترقي دوست محمد راحيمو، قومي اسيمبلي ميمبر سيد آغا رفيع الله، صوبائي اسيمبلي ميمبر ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽي براءِ فاريسٽ اينڊ وائلڊ لائف چيئرمين محمود عالم جاموٽ، فشر مين ڪوآپريٽو سوسائٽي چيئرپرسن فاطمه مجيد، عزيز دائود جت، غني دائود جت ۽ امير جت شامل هئا، تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته هي منصوبو سنڌ حڪومت جي عوام دوست پاليسين جو عملي مثال آهي، جنهن جو مقصد سامونڊي علائقن جي ترقي، مقامي آبادي کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ آهي، هنن عزم ظاهر ڪيو ته سامونڊي پٽي جي مسئلن جي حل ۽ ترقياتي ڪمن جي تسلسل لاءِ وڌيڪ قدم کنيا ويندا، وڏي وزير سنڌ جي صلاحڪار دوست محمد راحيمو چيو ته سندن خاص ڌيان سامونڊي علائقن جي بهتري ۽ ماحولياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ تي مرڪوز آهي، قومي اسيمبلي ميمبر سيد آغا رفيع الله چيو ته هو ملير جي عوام جي نمائندگي ڪندي علائقي جا مسئلا هميشه قومي سطح تي اجاگر ڪندا رهندا، جڏهن ته محمود عالم جاموٽ هن موقعي تي سامونڊي ماحوليات جي تحفظ لاءِ جاري قدمن تي روشني وڌي، مقامي ماڻهن هن منصوبي کي ڀليڪار ڪندي سنڌ حڪومت ۽ چونڊيل نمائندن جا ٿورا مڃيا، هنن چيو ته فلوٽنگ جيٽي ۽ ڪميونٽي سينٽر سان نه رڳو اچ وڃ ۽ سماجي سرگرمين ۾ بهتري ايندي، پر نوجوانن لاءِ روزگار ۽ مثبت سرگرمين جا نوان موقعا پڻ پيدا ٿيندا، تقريب جي پڄاڻي تي عوام کان اپيل ڪئي وئي ته اهي انهن سهولتن جي حفاظت ڪن ۽ ڪميونٽي سينٽر جي سرگرمين ۾ وڌ چڙه ڪري حصو وٺن ته جيئن هن منصوبي مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهجي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير جي علائقي لٺ بستي ۾ فلوٽنگ
0 تبصرے