English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ڪينٽ پوليس جي ڪارروائي، چوري ٿيل موٽر سائيڪلن ۾ ملوث 4 جوابدار گرفتار
51 views
|
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
مختلف علائقن مان چوري ٿيل موٽر سائيڪلون خريد ڪري ٻين هنڌن تي منتقل ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪري ورتا: پوليس
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ڪينٽ پوليس انٽيليجنس ۽ ٽيڪنيڪل بنيادن تي ڪارروائي ڪندي چوري ٿيل موٽر سائيڪلن جي خريد و وڪري ۾ ملوث ٽولي جي سربراه سميت 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي۔پوليس موجب ملير ڪينٽ ٿاڻي جي حدن اندر ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي دوران جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو۔ گرفتار جوابدار مختلف علائقن مان چوري ٿيل موٽر سائيڪلون خريد ڪري انهن کي ڳجهن هنڌن تي منتقل ڪندا هئا ۽ بعد ۾ هڪ خفيه ورڪشاپ يا ڪارخاني ۾ کڻي وڃي انهن جا اسپيئر پارٽس تبديل ڪندا هئا۔ ڪارروائي دوران پوليس جوابدارن جي قبضي مان 30 کان وڌيڪ چوري ٿيل موٽر سائيڪلن جا اسپيئر پارٽس برآمد ڪيا۔ برآمد ٿيل سامان ۾ 14 فيول ٽينڪ، 57 مڊ گارڊ، 31 ڪليمپس، چين ڪور، ٽائر، رِمز ۽ موٽر سائيڪل جا ٻيا ڪيترائي پارٽس شامل آهن۔پوليس موجب جوابدار چوري ٿيل موٽر سائيڪلن کي ٽوڙي انهن جا پارٽس مختلف گودامن ۽ ورڪشاپن ۾ وڪرو ڪندا هئا۔ ان کان علاوه اسپيئر پارٽس جي سپلاءِ لاءِ استعمال ٿيندڙ ٻه لوڊر رڪشا پڻ قبضي ۾ ورتا ويا آهن۔پوليس موجب جوابدارن وٽان چوري ٿيل ۽ ڦر ڪيل موٽر سائيڪلن جا چيسز پڻ هٿ ڪيا ويا آهن۔ ابتدائي جاچ دوران جوابدارن ڪيترين ئي چوري ٿيل موٽر سائيڪلن ۽ پارٽس جي خريد ۽ وڪري ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف پڻ ڪيو آهي۔ گرفتار جوابدارن ۾ مريد حسين شامل آهي جيڪو هن ٽولي جو سرغڻو ٻڌايو وڃي ٿو، جڏهن ته ٻين گرفتار جوابدارن ۾ غلام، رياض ۽ محمد ساجد شامل آهن۔پوليس گرفتار جوابدارن خلاف قانون موجب ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
سندھ میں بارشوں کا سلسلہ، مختلف اضلاع میں نظامِ زندگی متاثر
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ سمائل ويلفيئر فاؤنڊيشن طرفان 400 کان وڌيڪ ٻارن کي مفت عيد شاپنگ ڪرائي وئي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير ڪينٽ پوليس جي ڪارروائي، چوري ٿيل موٽر
0 تبصرے