English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي گڏجاڻي, تنقيدي ۽ اصلاحي ڪلاسن جي واکاڻ ڪئي وئي
80 views
|
01st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏجاڻي ۾ مختيار مگسي جي ميمبر طور منظوري به ڏني وئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو اجلاس عوامي پريس ڪلب ملير ۾ ٿيو جنهن ۾ سينيئر ۽ نوجوان شاعرن، اديبن ۽ ادب دوستن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. گڏجاڻي دوران نوجوان شاعر مختيار مگسي صدارتي راءِ ڏيندي سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير ۾ ٿيندڙ تنقيدي ۽ اصلاحي ڪلاسن کي ساراهيندي چيو ته اهڙيون ادبي سرگرميون نوجوان تخليقڪارن جي فڪري، فني ۽ ادبي تربيت لاءِ انتهائي ڪارائتيون ثابت ٿينديون آهن.مختيار مگسي چيو ته سنڌي ٻولي لفظن، محاورن ۽ اظهاري سگهه جي حوالي سان انتهائي شاهوڪار ٻولي آهي، تنهنڪري نوجوانن کي پنهنجي شاعري ۽ نثر ۾ غير ضروري ڌارين ٻولين جي لفظن جي استعمال کان پاسو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سندس زندگيءَ جو وڏو حصو ملڪ کان ٻاهر گذريو، پر سنڌ واپس اچڻ کانپوءِ سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪري کيس دلي سڪون ۽ خوشي محسوس ٿي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته شاخ جي گڏجاڻين ۾ سينيئر ۽ نوجوان شاعرن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ۽ سندن معياري تخليقون سنڌي ادب جي روشن مستقبل جي ضمانت آهن. سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۽ ادبي قدرن جي بقا لاءِ سڀني تخليقڪارن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. ادبي نشست دوران عبدالغفار عبد ميمڻ، مظهر وريائي، سيد غفور شاهه تقوي، اصغر مهرائي، مجيب سنڌي، قمبر ٻٽ، امداد لاشاري، عاصم عبدالمجيد ابڙو ۽ مختيار مگسي پنهنجي نڪور شاعري پيش ڪئي، جڏهن ته سڪندر سرواڻ پنهنجي ڪهاڻي پڙهي ٻڌائي. گڏجاڻي جي ڪارروائي سيڪريٽري مجيب سنڌي هلائي.ان کانپوءِ سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو اجلاس سيد غفور شاهه تقوي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ نوجوان شاعر مختيار مگسي جي ميمبرشپ لاءِ ڏنل درخواست تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ موجود سمورن ميمبرن متفقه طور درخواست منظور ڪندي مختيار مگسي کي سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي باقاعده ميمبرشپ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي سيد غفور شاهه تقوي چيو ته سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير، ڪراچي ۽ ملير ضلعي جي هر ليکڪ، شاعر ۽ ادب دوست جو گڏيل ادبي گهر آهي، جنهن جا دروازا هر وقت سڀني لاءِ کليل آهن. هن چيو ته ملير ضلعي اندر رهندڙ هر تخليقڪار ۽ ادب دوست کي ڀليڪار ڪيو ويندو، ڇاڪاڻتہ ادبي سنگت جو بنيادي مقصد نون قلمڪارن جي همٿ افزائي ۽ ادب جي واڌ ويجهه آهي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ نوجوان شاعر مختيار مگسي جي شاخ ۾ شموليت نه رڳو ادبي سنگت لاءِ خوشيءَ جو باعث آهي، پر اها سنڌي ادب جي مستقبل لاءِ پڻ هڪ خوش آئند اڳڀرائي آهي. .
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکہ میں دم ہوتا تو آبنائے ہرمز کھول کر دکھاتا، ابراہیم رضائی کا ٹرمپ کو جواب
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکہ میں دم ہوتا تو آبنائے ہرمز کھول کر دکھاتا، ابراہیم رضائی کا ٹرمپ کو جواب
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
تنقيدي ۽ اصلاحي ڪلاسن جي واکاڻ ڪئي وئي
0 تبصرے