English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ: نينگري سان مبينا نازيبا حرڪتن وارو مامرو، جوابدار عدالت ۾ پيش
83 views
|
04th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
عدالت جوابدار کي وڌيڪ جاچ جي لاءِ ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) گهٽ عمر گهرو ملازم نينگري سان مبينا غير اخلاقي ۽ نازيبا حرڪتن جي الزام هيٺ گرفتار ٽيوشن سينٽر جي مالڪ ممتاز ڀٽي کي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ ون ابتدائي ٻڌڻي کان پوءِ وڌيڪَ جاچ لاءِ جوابدار کي ٽن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، پوليس موجب جوابدار خلاف ڪارروائي ان وقت عمل ۾ آندي وئي جڏهن مبينا طور نينگري سان غير اخلاقي حرڪتن جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن بعد سڄي شهر ۾ ڳڻتي ۽ تشويش جي لهر پکڙجي وئي، متاثر نينگري جي ڀاءُ معشوق کوسو جي فرياد تي وومين ٿاڻي عمرڪوٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن بعد پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري قانوني ڪارروائي جو آغاز ڪيو، ذريعن موجب ممتاز ڀٽي سوشل ويلفيئر کاتي عمرڪوٽ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر طور مقرر هو ۽ پنهنجي گهر ۾ هڪ نجي ٽيوشن سينٽر پڻ هلائيندو هو، وڊيو منظرعام تي اچڻ کان پوءِ لاڳاپيل اختيارين کيس معطل ڪندي ڊائريڪٽر جنرل آفيس ڪراچي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف پهلوئن کان جاچ جاري آهي، جڏهن ته عدالت ۾ شاهدن ۽ جاچ رپورٽن جي روشني ۾ وڌيڪَ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ ايڪسائيز جي رٽائرڊ آفيسر سعيد ميمڻ جي بازيابي لاءِ احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سر ڪيڏاري تي علمي ليڪچر ۽ مشاعرو، ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ ٽائون جا قديمي ڳوٺ جديد دور ۾ سهولتن کان محروم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ: نينگري سان مبينا نازيبا حرڪتن
0 تبصرے