English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ: اغوا ٿيل ٻه ڀينرون ڪراچي مان بازياب، هڪ جوابدار گرفتار
73 views
|
05th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
وومين پوليس عمرڪوٽ لالوکيت مان سدرا ۽ جويريا ڀٽي کي بازياب ڪرائي عمير ڀٽي کي گرفتار ڪري ورتو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) وومين پوليس عمرڪوٽ ڪراچي جي علائقي لالو کيت ۾ ڪارروائي ڪندي مبينا طور اغوا ٿيل ٻن ڀينرن، سدرا ڀٽي ۽ جويريا ڀٽي کي بازياب ڪرائي ورتو، جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد هڪ جوابدار عمير ڀٽي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس موجب ٻنهي ڀينرن جي اغوا جو ڪيس لڳ ڀڳ ڏهه ڏينهن اڳ سندن والد نصير ڀٽي جي فرياد تي وومين ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو هو، ايف آءِ آر موجب ٻنهي نياڻين جي شادي 29 مارچ 2026ع تي طئي ٿيل هئي، جڏهن ته 24 مارچ تي هو بيوٽي پارلر ويون هيون، جتان سندن مبينا اغوا ٿيڻ جو الزام لڳايو ويو هو، پوليس جديد جاچ ۽ ڳجهي اطلاع تي ڪراچي جي علائقي لالو کيت ۾ ڇاپو هڻي ٻنهي ڀينرن کي بازياب ڪرائي ورتو ۽ ڪيس ۾ نامزد جوابدار عمير ڀٽي کي گرفتار ڪري ورتو، بازيابي کانپوءِ ٻنهي ڀينرن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالت سندن تحفظ ۽ وڌيڪَ قانوني ڪارروائي لاءِ ٻن ڏينهن جي مدي لاءِ سيف هائوس منتقل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو، ٻئي طرف عدالت گرفتار جوابدار عمير ڀٽي کي ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن واقعي بابت وڌيڪَ جاچ مڪمل ڪري سگهجي، پوليس موجب ڪيس ۾ نامزد ٻين جوابدارن رفيق ڀٽي ۽ تنجيل ڀٽي جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون جاري آهن ۽ کين جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ ايڪسائيز جي رٽائرڊ آفيسر سعيد ميمڻ جي بازيابي لاءِ احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سر ڪيڏاري تي علمي ليڪچر ۽ مشاعرو، ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ ٽائون جا قديمي ڳوٺ جديد دور ۾ سهولتن کان محروم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
وومين پوليس عمرڪوٽ لالوکيت مان سدرا
0 تبصرے