English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ھڱورجا شھر ۾ وڌندڙ بدامني،چوري ۽ خاص طور تي عورتن کان ڦرلٽ خلاف ريلي
61 views
|
15th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا ۾ بدامني عروج تي پهتل آهي، جتي چوريون، ڦرون ۽ ٻين ڏوهن جون وارداتون روز جو معمول بڻجي ويون آهن: اڳواڻ
ھڱورجا(رپورٽر)ھڱورجا شھر ۾ وڌندڙ بدامني،چوري، ڦر ۽ خاص طور تي عورتن کان ڦرلٽ جي تازي واقعي خلاف سنڌ ميمڻ اتحاد جي سڏ تي سوين شهرين وڏي انگ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.احتجاجي ريلي پريس ڪلب ھنڱورجا کان شروع ٿي جيڪا شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي ھنڱورجا ٿاڻي آڏو پهتي، جتي ڌرڻو ھنيو ويو.احتجاجي مارچ جي اڳواڻي انجنيئر ضمير حسين ميمڻ، عزيز ميمڻ،ڪاشف شيخ منظور جھانگر، مير عادل ميمڻ ۽ عبدالجبار شيخ ڪئي. مظاهرين هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي شھر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف سخت نعريبازي ڪندا رهيا.ان موقعي تي اڳواڻن ۽ شهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ھنڱورجا ۾ بدامني عروج تي پهتل آهي، جتي چوريون، ڦرون ۽ ٻين ڏوهن جون وارداتون روز جو معمول بڻجي ويون آهن. هنن الزام هنيو ته پوليس انتظاميا ڏوهن تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، جنهن سبب شهري پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رهيا آهن.احتجاج ڪندڙن چيو ته افسوس جو هاڻي شھر جون نياڻيون ۽ عورتون به محفوظ ناهن رهيون، جن کان به هٿياربند جوابدار ڦرلٽ جون وارداتون ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته تازي واقعي ۾ عورتن کان ڦرلٽ ڪندڙ جوابدار اڃا تائين گرفتار نہ ٿي سگهيا آهن، جنهن ڪري شهرين ۾ سخت بيچيني ۽ خوف پکڙيل آهي.هنن مطالبو ڪيو ته عورتن کان ڦرلٽ ڪندڙ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ متاثر خاندانن کان ڦريل سمورو سامان ۽ نقد رقم واپس ڪرائي وڃي. احتجاج ڪندڙن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبا پورا نه ڪيا ويا ۽ ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي نه ڪئي وئي ته احتجاج جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو ۽ سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.احتجاجي ڌرڻي ۾ ايس ايڇ او ھنڱورجا اقبال نون ڌرڻي واري ھنڌ پھچي شھرين سان ڳالھيون ڪيون ۽ عورتن کان ڦرلٽ واقعي جا جوابدار گرفتار ڪري ڦريل واپس ڪرائڻ جو واعدي ڪري احتجاجي ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو. ھنڱورجا ۾ وڌندڙ بدامني جي خلاف سنڌ ميمڻ اتحاد جي سڏ تي شگر ۾ مڪمل شٽر بند ھڙتال ڪئي وئي شھر جون مارڪيٽ ون لڪياري بازار پنجھٽي بازار . مڇر چوڪ ميمڻ بازار سميت مختلف مارڪيٽ و هڻ بند ڪيو ويون دوڪاندار ايسوسيئشن جي اڳواڻن رفيق احمد ميمڻ روشن شيخ.عبدالجبار شيخ ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي تہ ھنڱورجا ۾ بدامني چوٽ چڙھيل آھي ھاڻي ت عورتون ب غير محفوظ بڻيل آھن ان ڪري سمورو ڪاروبار بند ڪيو آھي جيڪڏنھن بدامني تي ڪنٽرول ن ٿيو تہ ٻيھر ھڙتال جو سڏ ڏنو ويندو.ھنڱورجا ۾ وڌندڙ بدامني جي خلاف شھرين پاران شھر احتجاجي مارچ دوران شھر جي مختلف چوڪن تي سماجي اڳواڻ ڪاشت شيخ فياض ميمڻ پاران ٿڌي پاڻي ۽ ٿڌي مشروبات جون ڪيمپون لڳائي مظاھرين کي ٿڌو پاڻي پياريو ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ھڱورجا شھر ۾ وڌندڙ بدامني،چوري ۽ خاص
0 تبصرے