ڪراچي ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي پهرين سالياني ڪانفرنس منعقد

اداري جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اهڙي نوعيت جي ڪانفرنس جو مقصد مختلف شعبن ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ آهي: گهنور علي لغاري

ڪراچي ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي پهرين سالياني ڪانفرنس منعقد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن حڪومت سنڌ پاران پهريون ڀيرو ٻن ڏينهن واري سالياني ڪانفرنس محمد علي جناح يونيورسٽي ڪراچي ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ اداري جي مختلف شعبن، ريجنل هيڊ، ڊسٽرڪٽ هيڊ ۽ سربراهن شرڪت ڪري گذريل ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ۽ مستقبل جي ترجيحن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ڊپٽي مينيجنگ ڊائريڪٽر شاهپاره رضوي ڪانفرنس جي شروعات آجياڻي سان ڪئي. ان موقعي تي مينيجنگ ڊائريڪٽر گهنور علي لغاري چيو ته اداري جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اهڙي نوعيت جي ڪانفرنس جو مقصد مختلف شعبن وچ ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ، ڪامياب تجربن کي هڪ ٻئي سان ونڊڻ ۽ مستقبل لاءِ گڏيل لائحه عمل تيار ڪرڻ آهي.. هن چيو ته سنڌ جي مختلف علائقن ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ ڪم ڪندڙ آفيسرن ۽ شعبن کي گڏ ڪرڻ سان نه رڳو ادارتي سکيا جو عمل مضبوط ٿيندو پر بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي. ڪانفرنس دوران مختلف شعبن جي ذميوارن پنهنجي ڪارڪردگي، اهم اڳڀرائين ۽ ايندڙ منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.ان موقعي تي محمد علي جناح يونيورسٽي جي صدر پروفيسر ڊاڪٽر زبير احمد شيخ “تعليم ۾ مصنوعي ذهانت جي عملي استعمال” بابت خصوصي سيشن ورتو، جنهن ۾ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي تدريس، سکيا ۽ انتظامي معاملن کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ بابت خيال ونڊيا ويا.ٻن ڏينهن واري هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته تعليم جي شعبي ۾ درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ جديد سوچ، گڏيل حڪمت عملي ۽ نتيجن تي ٻڌل منصوبابندي وقت جي اهم ضرورت آهي. ڪانفرنس کي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي اداري سڌاري ۽ تعليمي اثر وڌائڻ واري سفر ۾ هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو ويو.