قومي عوامي تحريڪ ڪراچي ڊويزن جا نوان عهديدار چونڊيا ويا

منان شيخ صدر، ايڊووڪيٽ عابد جوڻيجو سينيئر نائب صدر چونڊجي ويا

قومي عوامي تحريڪ ڪراچي ڊويزن جا نوان عهديدار چونڊيا ويا

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) قومي عوامي تحريڪ ڪراچي ڊويزن جو ڪنوينشن شاهه لطيف ٽائون ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظهر راهوجو جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ ڪراچي ڊويزن جي نئين تنظيمي باڊي جون چونڊون ٿيون جنهن ۾ منان شيخ صدر، ايڊووڪيٽ عابد جوڻيجو کي سينيئر نائب صدر، اشفاق چنڙ کي جنرل سيڪريٽري، شاھنواز ڀنڊ کي نائب صدر ۽ پير بخش ڄامڙو کي رابطا سيڪريٽري چونڊيو ويو. جڏهن ته ڊويزنل ڪميٽي جي ميمبرن ۾ فياض اُتيرو، معروف خاصخيلي، حسين سنڌي، ارسلان منگي، ناهيد جوڳي، علي ٻٻر، سينگار بليدي، ھريرام چوھاڻ، لال چند، اويس ڪانڌڙو، ممتاز راهمون، اياز گل ڄامڙو، جان محمد قريشي، ضمير لغاري، ذاڪر مشوري ۽ ڦوٽو ڀيل شامل ڪيو ويوڪنوينشن کي خطاب ڪندي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظهر راهوجو چيو ته سنڌ هڪ تاريخي وحدت آهي ۽ ان جي وحدت تي ڪنهن به قسم جو حملو برداشت نه ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪراچي سنڌ جو اٽوٽ حصو آهي ۽ سنڌ کي ورهائڻ يا ڪمزور ڪرڻ جي هر سازش جي مخالفت ڪئي ويندي.مرڪزي نائب صدر فرحان لاڙڪ پنهنجي خطاب ۾ سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي تنقيد ڪندي چيو ته ڊگهي عرصي کان حڪمراني باوجود سنڌ جا بنيادي مسئلا حل نه ٿي سگهيا آهن، جڏهن ته انتظامي ادارن جي ڪارڪردگي بابت پڻ سوال اٿاريا.نئين چونڊيل صدر منان شيخ چيو ته سنڌ جي درياهه، زمينن ۽ قدرتي وسيلن جي تحفظ لاءِ عوام کي متحد ۽ منظم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته سنڌي عوام پنهنجي تاريخي حقن ۽ وسيلن جي مالڪي جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رکندو جنرل سيڪريٽري اشفاق چنڙ چيو ته عوامي مسئلن جي حل ۽ جمهوري حقن جي حاصلات لاءِ قومي عوامي تحريڪ پنهنجي سياسي جدوجهد وڌيڪ تيز ڪندي.