English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي جي ڪوهستاني پٽي جديد دور ۾ به سهولتن کان وانجهيل
13 views
|
22nd Jun 2026
•
سنڌي خبرون
رهواسي پيئڻ جي پاڻي، صحت، تعليم، روڊ، گئس ۽ بجلي کان محروم
ٺٽو( شفيق ڀٽي)ٺٽي ضلعي جي ڪوھستاني پٽي جا رھواسي ضلعي انتظاميہ، چونڊيل نمائندن سميت سنڌ حڪومت پاران پوئيواري نہ ڪرڻ ڪري پيئڻ جي صاف پاڻي، صحت، تعليم، روزگار، روڊ، رستي، بجلي، سوئي گئس، ڳوٺ پڪا نہ ٿيڻ، اسڪولن جي بلڊنگس جي زبون حالي، فرنيچر جي کوٽ جھڙي مڙني بنيادي سھوليتن کان محروم بڻجي مايوسي جو شڪار ٿي سراپا احتجاج بڻجي پنھنجي جائز مسئلن جي حل لاء جدوجھد شروع ڪري ڇڏي اھي، ان سلسلي ۾ تعلقي ٺٽي جي ڪوھستاني يوسي ڄنگھڙي ۽ يوسي جھمپير جي مختلف ڪوھستاني ڳوٺن ڳوٺ وڏيرو محمود برفت، ڳوٺ جان محمد برفت، ڳوٺ سليمان برفت، ڳوٺ يعقوب برفت، ڳوٺ پيارو برفت ۽ بين ڳوٺن جي ڪيترن ئي متاثر ڳوٺاڻن پنھنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاء صحافين آڏو سخت احتجاج ڪندي محمد ملوڪ برفت، وڏيرو محمد عيسيٰ برفت، خداڏنو، بشو، پيارو، علي برفت ۽ ٻين چيو تہ سندن ڳوٺن سميت ڪوھستان جي سمورن ڳوٺن کي سمورين بنيادي سھوليتن کان سنڌ حڪومت، ضلعي انتظاميہ توڙي چونڊيل نمائندن محروم ڪري ڇڏيو آھي، ھنن چيو تہ ڪوھستاني پٽي ۾ ھڪ طرف پيئڻ جو پاڻي نہ ھجڻ ڪري ڏڪاري حالتون شروع ٿي ويون آھن، جتي انسان توڙي جانور پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاء پريشان آھن، ڪوھستان واسي وڏا سفر ڪري پري پري کان پاڻي آڻڻ يا خريدڻ تي مجبور بڻيل آھن، ھنن چيو تہ جن ڳوٺن ۾ آر او پلانٽ توڙي واٽر سپلاء ھيون اھي ناڪارہ بڻيل آھن، جن جي سرڪار مالڪي ڪرڻ لاء بہ تيار ناھي، ھنن چيو تہ ڪوھستان واسين جا اڃان تائين ڳوٺ بہ پڪا ٿي ناھن سگھيا نہ ئي کين ڪوھستاني پٽي ۾ وڏي تعداد ۾ ونڊ پراجيڪٽ لڳڻ باوجود کين بجلي نہ ملڻ ڪري سندن ڳوٺ اونداھ ۾ ٻڏل آھن، صحت جون سھولرون نہ ھجڻ ڪري ھو علاج کان بب محروم بڻيل آھن، کين روزگار سميت روڊ، رستي، بجلي، تعليم، صحت، سوئي گئس سميت ڪابہ بنيادي سھوليت ملي ناھي سگھي، محمد ملوڪ برفت، وڏيرو محمد عيسيٰ برفت ۽ ٻين چيو تہ سندن ڳوٺن ۾ قائم اسڪولن جون بلڊنگون زبون حال بڻجڻ سان گڏ انھن ۾ فرنيچر ناھي، سندن ٻارڙا اسڪولن ۾ پٽ تي ويھي تعليم پرائڻ تي مجبور بڻيل آھن. ھنن چيو تہ يوسي چيئرمين کي جيڪو ڪجھ ملي ٿو يا جيڪو سندن وس ۾ اھي اھو بہ ڪرڻ لاء تيار ناھن. ھنن چيو تہ ھو پ پ پ جا ووٽر آھن، ڪافي وقت کان سنڌ ۾ پ پ پ جي حڪومت ھوندي بہ ڪوھستان واسين کي پارٽي اڳواڻن وساري ڇڏيو آھي، ڪافي ڀيرا انھن کي چوڻ توڙي احتجاج ڪرڻ باوجود سندن ڪير بہ جائز مسئلا حل ڪرڻ لاء تيار ناھي، جنھن ڪري ھنن پنھنجا جائز مسئلا حل ڪرائڻ لاء جدوجھد جو آغاز ڪري ڇڏيو آھي، ھنن گھر ڪئي تہ سندن ڳوٺ پڪا ڪري کين پيئڻ جي صاف پاڻي، زبون حال اسڪولن جي بلڊنگس جي نئين سر تعمير ڪرائي انھن ۾ فرنيڇر مھيا ڪري کين صحت، تعليم، روزگار، روڊ، رستي، بجلي سميت سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪري سندن مالڪي ڪري کين وڌيڪ پريشاني کان بچائي ناڪارہ بڻيل آر او پلانٽ ۽ واٽر سپلاء اسڪيمون بحال ڪري کين سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪيون وڃن، جيئن ھو بہ ٻين وانگر بھتر زندگي گذاري سگھن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
اسلام آباد میں محرم الحرام کے پروگرام عقیدت و احترام سے منعقد
22nd Jun 2026
•
تازہ ترین
پیپلز پارٹی اور ن لیگ نے اٹھارویں ترمیم کی روح کو متاثر کیا: زین شاہ
22nd Jun 2026
•
تازہ ترین
وفاقی اور سندھ حکومت کا 9 اور 10 محرم الحرام کو عام تعطیل کا اعلان
22nd Jun 2026
•
دنیا
مشرقِ وسطیٰ میں جنگی خطرات، متحدہ عرب امارات کا بھارت سے براہموس میزائل اور آکاش تیر نظام خریدنے پر غور
22nd Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
اسلام آباد میں محرم الحرام کے پروگرام عقیدت و احترام سے منعقد
22nd Jun 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور: قيدي پاران ٻاهر ويٺلن کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڳالهه ۾ صدارت ناهي: جيل سپريڊنٽ
22nd Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رستم ڪلمتي بلوچ ڳوٺ جا رهواسي ڪميونٽي سينٽر سميت بنيادي سهولتن کان محروم
22nd Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ ٽائون جي 4 ارب 4 ڪروڙ 22 لک رپين جي بجيٽ منظور
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽي جي ڪوهستاني پٽي جديد دو
0 تبصرے