ملير: ڀٽائي آباد جي بلاڪ سي ۽ ڊي جو ٽن مهينن کان پاڻي بند

ٽن مهينن کان پاڻي اڻلڀ هجڻ ڪري سخت تڪليفن ۾ مبتلا آهيون: رهواسي

ملير:  ڀٽائي آباد جي بلاڪ سي ۽ ڊي جو ٽن مهينن کان پاڻي بند

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي يوسي 10 ڀٽائي آباد ۾ پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ خلاف رهواسين سخت ڳڻتي جو اظھار ڪندي الزام لڳايو آهي ته ڪجهه مخصوص علائقن ۽ من پسند ماڻهن کي باقاعدگي سان پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته بلاڪ سي ۽ بلاڪ ڊي سميت ڪيترن ئي ھنڌن تي ٽن مهينن کان پاڻي جي فراهمي بند آهي. رهواسين موجب هنن ڪيترائي ڀيرا يوسي انتظاميه ۽ لاڳاپيل اختيارين کي شڪايتون ڪيون آهن، پر سندن مسئلي جي حل لاءِ ڪو به اثرائتو قدم نه کنيو ويو آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته محرم الحرام جي مقدس مهيني دوران به کين پاڻي جهڙي بنيادي ضرورت کان محروم رکيو ويو، جنهن سبب سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته پاڻي جي کوٽ سبب ٽينڪر مافيا سرگرم ٿي وئي آهي، جيڪا ڳري رقم عيوض پاڻي فراهم ڪري رهي آهي. اڪثر غريب ۽ وچولي طبقي جا ماڻهو مهانگا ٽينڪر خريد ڪرڻ جي سگهه نٿا رکن، جنهن ڪري هو کارو ۽ غير معياري بورنگ جو پاڻي استعمال ڪرڻ تي مجبور آهن. متاثر رهواسين اعليٰ اختيارين کان فوري نوٽيس وٺي پاڻي جي منصفاڻي فراهمي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪندي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن جلد پاڻي جي فراهمي بحال نه ڪئي وئي ته هو احتجاجي ڌرڻو هڻڻ تي مجبور ٿيندا.