روهڙي: دبر ٿاڻي جي حد ۾ پراڻي تڪرار تان نوجوان بيدردي سان قتل

جوابدارن مرتضيٰ کوکر کي ڪاتن جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، لاش تعلقي اسپتال منتقل

روهڙي: دبر ٿاڻي جي حد ۾ پراڻي تڪرار تان نوجوان بيدردي سان قتل

روهڙي(رپورٽر) روهڙي جي دبر ٿاڻي جي حد دبر ۾ پراڻي تڪرار جي نتيجي ۾ جوابدارن نوجوان کي ڪاتن جا وار ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويا . واقعي جي اطلاع ملندي ئي دبر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي تعلقه اسپتال روهڙي منتقل ڪيو، جتي ضروري قانوني ڪارروائي ۽ پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. دبر پوليس موجب مقتول ۽ سندس برادري جي ماڻهن وچ ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ هو. پوليس موجب قتل ٿي ويل مرتضيٰ کوکر ماضي ۾ ساهيوال ۾ پنهنجي ئي برادري جي ٻن ماڻهن جي قتل ڪيو هو ، جنهن بعد هو روهڙي جي علائقي دبر ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي هئي جنهن سبب سندس جو پنهنجو پنهنجو ئي مائٽن سان تڪرار هو جنهن جي نتيجي ۾ پنجاب سان تعلق رکندڙ سندس ئي برادري جي ماڻهن مرتضي کوکر کي ڪاتن جا وار قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن اطلاع ملندي ئي واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪيون پيا جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري وڌيڪ حقيقتون سامهون آندو ويندو