English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: ڄام ڳوٺ ۾ پوليس مقابلو، 3 ڄڻا مارجي ويا، هڪ زخمي
87 views
|
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڄام ڳوٺ ۾ حضرت ابراهيم شاهه بخاري جي مزار ڀرسان پوليس ۽ مبينا جوابدارن وچ ۾ مقابلو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽن جوابدارن جي مارجي وڃڻ ۽ هڪ جي زخمي ٿيڻ جي اطلاع ملي آهي. پوليس ذريعن موجب مقابلي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ مارجي ويل ۽ زخمي جوابدارن کي فوري طور ايمبولينسن ذريعي جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر منتقل ڪيو پيو وڃي، جتي قانوني ڪارروائي ۽ ضروري طبي جاچ جاري آهي.مارجي ويل جوابدارن جي سڃاڻپ 27 ورهين جي شاهه رخ ولد افتخار خان، 48 ورهين جي راهب ولد مسرت ۽ 26 ورهين جي علي حمزه ولد نذير طور ٿي آهي، جڏهن ته زخمي جوابدار جي سڃاڻپ 29 ورهين جي وسيم احمد ولد محمد صفدر طور ڪئي وئي آهي.شروعاتي اطلاعن موجب پوليس علائقي کي گهيري ۾ وٺي ثبوت گڏ ڪرڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي ڏوهن واري رڪارڊ ۽ مقابلي جي سببن بابت ڄاڻ حاصل ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته حتمي موقف جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سامهون ايندو. واقعي کانپوءِ علائقي ۾ سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪئي وئي آهي ۽ پوليس جي اضافي نفري پڻ مقرر ڪئي وئي آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
25th Aug 2026
•
سندھ
اسوہ حسنہ پوری انسانیت کے لیے مشعل راہ ہے، نظام مصطفیٰ ﷺ کی جدوجہد تیز کرنا عشق مصطفیٰ ﷺ کا حقیقی تقاضا ہے، کاشف سعید شیخ
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ميرٽ جو جنازو !!!
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ کي گوانگ ڊانگ، ڪيليفورنيا ۽ ٽيڪساس جهڙو ڪيئن بڻايو وڃي؟
21st Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز
25th Aug 2026
•
سندھ
اسوہ حسنہ پوری انسانیت کے لیے مشعل راہ ہے، نظام مصطفیٰ ﷺ کی جدوجہد تیز کرنا عشق مصطفیٰ ﷺ کا حقیقی تقاضا ہے، کاشف سعید شیخ
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ميرٽ جو جنازو !!!
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ کي گوانگ ڊانگ، ڪيليفورنيا ۽ ٽيڪساس جهڙو ڪيئن بڻايو وڃي؟
21st Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: ڄام ڳوٺ ۾ پوليس مقابلو،
0 تبصرے