English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪشمور ۾ جماعت اسلامي پاران مهنگائي خلاف احتجاجي مظاهرو
285 views
|
24th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
امير افضل عطا ڪلوڙ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي
ڪشمور (ڊ ر) ڪشمور ۾ جماعت اسلامي پاران مهنگائي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي جماعت اسلامي ڪشمور جي امير افضل عطا ڪلوڙ جي اڳواڻي ۾ نڪتل ريلي ۾ جماعت اسلامي ڪارڪنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي جامع مسجد کان نادرا چوڪ تائين ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي اڳواڻن چيو ته رڌ پچاءَ جي شين اٽو کنڊ گيھ زرعي زمين جي کاڌ ٻج ڀاڻ ۽ بجلي گئس جا ڏينهون ڏينهن چوٽ چڙهيل اگهه ۽ گاڏين جا ڪرايا گھٽائڻ جو مطالبو ڪيو ان موقعي تي خطاب ڪندي جماعت اسلامي ڪشمور جي اڳواڻن افضل عطا ڪلوڙ ، ڊالفقار علي ملڪ. منظور احمد چاچڙ ،وزير احمد چنہ.نياز حسين چنا. زيبر منگي. رحيم بخش سولنگي، برڪت گل جکراڻي ۽ ٻين چيو ته گذريل حڪومت جيان موجودا نگران حڪومت به نااهل آهي نگران حڪومت اقتدار ۾ اچڻ سان ئي عوام تي پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو اٽو بليڪ تي وڪرو ٿيڻ لڳو آهي اٽي جون قيمتون آسمان تي پهچائي عوام کي خودڪشي تي مجبور ڪيو ويو آھي مھانگائي جي چڪي ۾ پيسيل عوام کي رليف ڏيڻ بدران عام واهپي جي شين ۾ اضافو ڪري عوام جي وڌيڪ مشڪلات ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي پي ڊي ايم جون عوام کي رليف ڏيڻ جون دعوائون ڪوڙيون ته ثابت ٿيون پر هاڻ نئي اقتدار تي ويهندڙ نگران حڪومت به غريب عوام کي پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻ جي صورت ۾ خبردار ڪيو آهي ته حڪومت ۾ ڪير به اچي ان جي ترجيحات ۾ غريب شامل نه آھن نگران حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ عوام دشمن پاليسي اختيار ڪري مايوس ڪيو ويو آهي حالانڪه نگران حڪومت جو ڪم صرف صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائڻ آهي اڳواڻن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته گذريل 70 سالن کان وٺي عوام کي بيوقوف ڪندڙ پارٽين ته عوام کي ڏک تڪليف مهنگائي ۽ مايوسي کان سواءِ ڪجهه به نه ڏنو پر ھاڻي نگران حڪومت به گذريل حڪومتن جي طرز تي عمل پيرا آهي جماعت اسلامي پيٽرول جي وڌندڙ اگهن کي مسترد ڪندي نگران حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اٽو واپرائڻ جي شين جا وڌيل ريٽ فلفور گھٽ ڪيا وڃن نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ ايڪسائيز جي رٽائرڊ آفيسر سعيد ميمڻ جي بازيابي لاءِ احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سر ڪيڏاري تي علمي ليڪچر ۽ مشاعرو، ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ ٽائون جا قديمي ڳوٺ جديد دور ۾ سهولتن کان محروم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
kashmore
jamait islami
ڪشمور
جماعت اسلامي
0 تبصرے