English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي ۾ گلشن سيد ٽينٽ سٽي کي ٻيھر ڊاھڻ جي ڪوشش، شيلنگ ۾ 4 عورتون زخمي، ڌرڻو
219 views
|
12th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ گلشن سيد ٽينٽ سٽي کي ٻيھر ڊاھڻ جي ڪوشش، شيلنگ ۾ 4 عورتون زخمي، ڌرڻو
گڏاپ (محمد علي خاصخيلي)ڪراچي ناردرن بائي پاس وٽ گلشن سيد ٽينٽ سٽي جي بلاڪ کي ڊاهڻ لاءِ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ گلشن معمار پوليس جي وڏي نفري پهچي وئي. عورتن معصوم ٻارڙن ۽ مردن تي تشدد. گهرن کي ڊاهڻ جي ڪوشش، رھواسين جي مزاحمت تي پوليس جي فائرنگ ۽ شيلنگ، 4 عورتون زخمي. پوليس مردن ۽ عورتن کي گرفتار ڪري ورتو. جنهن خلاف سوين متاثرين ناردرن بائي پاس پهچي ويا. مين ناردرن بائي پاس ٽريفڪ لاءِ بند. بلوچستان ويندڙ اهم شاهراهه بند ٿيڻ سبب سوين گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. مظاهرين سان ڳالهين لاءِ ڊي ايس پي گلشن معمار پھچي ويو. گرفتار ڳوٺاڻن کي آزاد ڪرڻ کانپوءِ مين روڊ کي ٽريفڪ لاءِ کولي ڇڏيو. تفصيل موجب. ڪراچي نادرن باء پاس ويجهو قائم گلشن سيد ٽينٽ سٽيء جي G بلاڪ تي ايم ڊي اي پاران پوليس ۽ اينٽي انڪروچمينٽ پوليس ساڻ ڪري چڙھائي ڪري مسڪين ماڻهن جون جھڳيون ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيون۔ سيد احمد شاھ ڪاظمي جي اڳواڻي ۾ سرائي اجمل چانڊيو۔ فقير محمد چانڊيو. عتيق سومرو۔ خان چانڊيو ۔ ضمير حسين۔ غازي چانڊيو ۔ رجب لاشاري۔ اسد ڦلپوٽو۔ سعد الله سپريو ۔ شريف مارفاڻي۔ لياقت بليدي. سڪندر سھتو. عبدالحميد ڇڇر۔ ذوالفقار سولنگي۔ مظھر سولنگي ۽ ٻين ايم ڊي اي جي ظلم خلاف نادرن باء پاس تي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا. جنھن سبب نادرن باءِ پاس تي ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيهجي ويون. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ايم ڊي اي پاران اينٽي انڪروچمينٽ پوليس جا اٽالا ساڻ ڪري اسان جي عورتن مٿان سخت تشدد ڪري اسان جي چار نياڻيون ۽ مردن کي گرفتار ڪري کڻي ويا آھن. جيڪا سراسر ايم ڊي اي جي ناجائزي آهي. ھنن چيو ته ايم ڊي اي اڄ چادر چار ديواري جو تقدس پائمال ڪري نياڻين کي گرفتار ڪري پاڻ سان گڏ کڻي وئي آھي. اسين ھن ڌرتي جا وارث آھيون. ھزارن جي تعداد۾ ويٺل غير قانوني پرڏيهين کي پوليس گرفتار ڇو نٿي ڪري انھن کي سھولتون ڏنيون پيون وڃن. پر ڌرتي ڌڻي کي ھتي رھڻ نٿو ڏنو وڃي. آئي ڏينھن ايم ڊي اي ۽ اينٽي انڪروچمينٽ اھلڪار پوليس ساڻ ڪري غريب مسڪين ٻوڏ متاثرن مٿان ظلم ڪري رھي آھي مظاهرين سپريم ڪورٽ. سنڌ ھاء ڪورٽ. نگران وزير اعلي سنڌ. آئي جي سنڌ. ڊي آئي جي اولھ. ايس ايس پي اولھ کان مطالبو ڪيو ته ايم ڊي اي پاران بيگناھ ڳوٺاڻن مٿان چڙھائي ڪندڙ اھلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گڏاپ
گلشن سيد ٽينٽ سٽي
ڪراچي ناردرن بائي پاس
ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي
MDA
0 تبصرے