English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي ۾ گلشن سيد ٽينٽ سٽي کي ٻيھر ڊاھڻ جي ڪوشش، شيلنگ ۾ 4 عورتون زخمي، ڌرڻو
views
|
12th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ گلشن سيد ٽينٽ سٽي کي ٻيھر ڊاھڻ جي ڪوشش، شيلنگ ۾ 4 عورتون زخمي، ڌرڻو
گڏاپ (محمد علي خاصخيلي)ڪراچي ناردرن بائي پاس وٽ گلشن سيد ٽينٽ سٽي جي بلاڪ کي ڊاهڻ لاءِ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ گلشن معمار پوليس جي وڏي نفري پهچي وئي. عورتن معصوم ٻارڙن ۽ مردن تي تشدد. گهرن کي ڊاهڻ جي ڪوشش، رھواسين جي مزاحمت تي پوليس جي فائرنگ ۽ شيلنگ، 4 عورتون زخمي. پوليس مردن ۽ عورتن کي گرفتار ڪري ورتو. جنهن خلاف سوين متاثرين ناردرن بائي پاس پهچي ويا. مين ناردرن بائي پاس ٽريفڪ لاءِ بند. بلوچستان ويندڙ اهم شاهراهه بند ٿيڻ سبب سوين گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. مظاهرين سان ڳالهين لاءِ ڊي ايس پي گلشن معمار پھچي ويو. گرفتار ڳوٺاڻن کي آزاد ڪرڻ کانپوءِ مين روڊ کي ٽريفڪ لاءِ کولي ڇڏيو. تفصيل موجب. ڪراچي نادرن باء پاس ويجهو قائم گلشن سيد ٽينٽ سٽيء جي G بلاڪ تي ايم ڊي اي پاران پوليس ۽ اينٽي انڪروچمينٽ پوليس ساڻ ڪري چڙھائي ڪري مسڪين ماڻهن جون جھڳيون ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيون۔ سيد احمد شاھ ڪاظمي جي اڳواڻي ۾ سرائي اجمل چانڊيو۔ فقير محمد چانڊيو. عتيق سومرو۔ خان چانڊيو ۔ ضمير حسين۔ غازي چانڊيو ۔ رجب لاشاري۔ اسد ڦلپوٽو۔ سعد الله سپريو ۔ شريف مارفاڻي۔ لياقت بليدي. سڪندر سھتو. عبدالحميد ڇڇر۔ ذوالفقار سولنگي۔ مظھر سولنگي ۽ ٻين ايم ڊي اي جي ظلم خلاف نادرن باء پاس تي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا. جنھن سبب نادرن باءِ پاس تي ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيهجي ويون. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ايم ڊي اي پاران اينٽي انڪروچمينٽ پوليس جا اٽالا ساڻ ڪري اسان جي عورتن مٿان سخت تشدد ڪري اسان جي چار نياڻيون ۽ مردن کي گرفتار ڪري کڻي ويا آھن. جيڪا سراسر ايم ڊي اي جي ناجائزي آهي. ھنن چيو ته ايم ڊي اي اڄ چادر چار ديواري جو تقدس پائمال ڪري نياڻين کي گرفتار ڪري پاڻ سان گڏ کڻي وئي آھي. اسين ھن ڌرتي جا وارث آھيون. ھزارن جي تعداد۾ ويٺل غير قانوني پرڏيهين کي پوليس گرفتار ڇو نٿي ڪري انھن کي سھولتون ڏنيون پيون وڃن. پر ڌرتي ڌڻي کي ھتي رھڻ نٿو ڏنو وڃي. آئي ڏينھن ايم ڊي اي ۽ اينٽي انڪروچمينٽ اھلڪار پوليس ساڻ ڪري غريب مسڪين ٻوڏ متاثرن مٿان ظلم ڪري رھي آھي مظاهرين سپريم ڪورٽ. سنڌ ھاء ڪورٽ. نگران وزير اعلي سنڌ. آئي جي سنڌ. ڊي آئي جي اولھ. ايس ايس پي اولھ کان مطالبو ڪيو ته ايم ڊي اي پاران بيگناھ ڳوٺاڻن مٿان چڙھائي ڪندڙ اھلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
گڏاپ
گلشن سيد ٽينٽ سٽي
ڪراچي ناردرن بائي پاس
ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي
MDA
0 تبصرے