English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پيرڳوٺ ڀرسان جاگيراڻي ۽ سولنگي ڌرين ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار تان فائرنگ ۾ عورت قتل، هڪ ڄڻو زخمي
75 views
|
11th Jul 2024
•
سنڌي خبرون
پيرڳوٺ ڀرسان جاگيراڻي ۽ سولنگي ڌرين ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار تان فائرنگ ۾ عورت قتل، هڪ ڄڻو زخمي
خيرپور (رپورٽر) پيرڳوٺ ڀرسان جاگيراڻي ۽ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان ڇڪتاڻ برقرار، ڌرين جي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ عورت قتل، هڪ زخمي، علائقي ۾ خوف واري صورتحال. پيرڳوٺ ڀرسان ڪوٽ پل واري علائقي ۾ جاگيراڻي ۽ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن جي تڪرار تان ڇڪتاڻ برقرار، . ٻنهي ڌرين جي هٿياربند ماڻهن پاران هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي وئي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ جاگيراڻي برادري جي عورت فهميده جاگيراڻي مارجي وئي آهي. جڏهن ته سولنگي برادري جو نوجوان آصف علي سولنگي گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو آهي. ان سلسلي ۾ جاگيراڻي برادري جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته سولنگي برادري جي هٿياربندن ڳوٺ تي چڙهائي ڪري جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي جنهن ۾ گوليون لڳڻ سبب اسان جي عورت فهميده قتل ٿي وئي آهي، وڏا ماڇيون پوليس بروقت اطلاع ڏيڻ باوجود واقعي واري هنڌ ناهي پهتي. ٻئي طرف سولنگي برادري جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته جاگيراڻي ڌر جي ماڻهن اسان مٿان حملو ڪري فائرنگ ڪئي آهي جنهن ۾ اسان جو نوجوان آصف سولنگي سخت زخمي ٿي پيو آهي. وڏا ماڇيون پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته عورت جي قتل ۽ نوجوان جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن، پوليس واقعي واري هنڌ رواني ٿي وئي آهي، واقعي واري هنڌ پهچڻ بعد حقيقتن جي خبر پوندي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
پيرڳوٺ
جاگيراڻي ۽ سولنگي
0 تبصرے