English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
واھي پانڌي ۾ قتل ٿيل نظيران برھماڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج
views
|
27th Sep 2024
•
سنڌي خبرون
وارثن، قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران ڳوٺ دودو برھماڻي کان ريلي ڪڍي گورک موڙ تي ڌرڻو ھنيو ويو
واھي پانڌي(رپورٽر) واھي پانڌي ۾ گوليون ھڻي قتل ڪيل نظيران برھماڻي جي قتل ڪيس جا جوابدار گرفتار نہ ٿيڻ ۽ وارثن کي ڌمڪيون ملڻ خلاف ۔ وارثن، قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران ڳوٺ دودو برھماڻي کان ريلي ڪڍي گورک موڙ تي ڌرڻو ھنيو ويو. ريلي جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ جي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، نصرت خاصخيلي، خادم سمون، امير زادي برھماڻي، اصغر برھماڻي، گل حسن برھماڻي، عبيد برھماڻي، گل بھار رستماڻي، ماجد گل برھماڻي ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي چيو تہ شھيد نظيران برھماڻي جو قتل ھن علائقي جو وڏو سانحو آھي. بدقسمتي سان پوليس ۽ ھتان جان چونڊيل نمائندا پھرئين ڏينھن کان قاتلن کي بچائي رھيا آھن، شروعاتي 6 ڏينھن تائين ڪيس داخل نہ ڪيو ويو، ھاڻ ڪيس داخل ٿيڻ باوجود قاتلن کي گرفتار نٿو ڪيو وڃي. پيپلز پارٽي ۽ پوليس ڏوھارين جي سرپرستي بند ڪري. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون خطاب ڪندي چيو تہ واھي پانڌي پرامن علائقو آھي، ھتي جا ماڻھو پروگريسو، ترقي پسند سوچ ۽ سياسي جدوجھد وارا آھن، جوابدارن اڳ ۾ حملا ڪري ھڪ استاد حسين برھماڻي ۽ علي خان برھماڻي سميت ٻن ڄڻن کي زخمي ڪيو، پوليس انھن جي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري ھا تہ شھيد نظيران برھماڻي وارو واقعو پيش نہ اچي ھا. ڪراچي ۾ ويٺل بليڪ ميلر قادر لاشاري ھن واقعي جو ذميوار آھي. پوليس قاتلن کي گرفتار نہ ڪيو تہ سنڌياڻي تحريڪ ۽ قومي عوامي تحريڪ احتجاج جو لائحه عمل جوڙيندي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ امير زادي برھماڻي خطاب ڪندي چيو تہ پوليس ڪيس داخل ٿيڻ باوجود قاتلن کي گرفتار نٿي ڪري. جوابدار سرعام ھٿيار کڻي گھمي رھيا آھن ۽ ٻيھر حملو ڪري ماڻھو مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن. ايس ايس پي دادو ڪيس داخل ڪرڻ کانپوءِ گم ٿي ويو آھي. ايس ايچ او واھي پانڌي قاتل گرفتار نٿو ڪري. جيڪڏھن جوابدار گرفتار نہ ڪيا ويا تہ رستن تي اچي سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪنداسين. سنڌ حڪومت قاتلن کي بچائڻ جي ڪوشش نہ ڪري. رفيق جمالي قاتلن جي سرپرستي نہ ڪري. ھوڏانھن ٻئي پاسي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي ھدايت تي قومي عوامي تحريڪ جي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون جي اڳواڻي ۾ مرڪزي وفد ڳوٺ دودو برھماڻي پھچي شھيد نظيران برھماڻي جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ اياز لطيف پليجي جو پيغام پھچائي کين انصاف لاءِ ڀرپور مدد جي خاطري ڪرائي. وفد ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي ۽ قومي عوامي تحريڪ جو جوائنٽ سيڪريٽري خادم سمون پڻ موجود هئا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
واھي پانڌي
شھيد نظيران برھماڻي
دودو برھماڻي
0 تبصرے