English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌياڻي تحريڪ جي باني ۽ ناليواري فنڪاره جيجي زرينا بلوچ جي 19هين ورسي ملهائي وئي
82 views
|
25th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن جيجي زرينا بلوچ جي آخري آرامگاهه تي حاضري ڀري ڀيٽا پيش ڪئي
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي سنڌياڻي تحريڪ جي باني اڳواڻ، اديب، استاد ۽ قومي فنڪاره مادر سنڌ جيجي زرينہ بلوچ جي 19ھين ورسي جي موقعي تي . حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن الطاف خاصخيلي، خادم سمون، آغا عباس، نذير بليدي، رب ڏنو ملڪ، بابو ميمڻ، رفيق ڪنراڻي، معشوق چانڊيو، انور عمراڻي، الطاف ناگراج، ياسر ابڙو، مھراڻ حب، غلام نبي سومرو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي، صبا سمون، شائسته ابڙو، سونھن ابڙو، رخسانه بھلڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قاسم آباد ۾ علمدار چوڪ ڀرسان مزار تي پھچي اجرڪ ۽ گلن جي چادر چاڙھي جيجي زرينہ بلوچ جي جدوجھد تي ڳالھائي کيس لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن چيو تہ جيجي زرينه بلوچ پنهنجي گيتن وسيلي سنڌ ۾ سجاڳيءَ جو پيغام ڏنو، قومي ڪاز ۾ ھُوءَ ھميشہ اڳڀري رهي. جيجي زرينه بلوچ ضياءَ جي مارشلا دور ۾ سختيُون برداشت ڪيون ، لانگ مارچن کان ويندي سنڌ جي بقا لاء ٿيندڙ احتجاجن مظاھرن ۾ اڳيان اڳيان رھي ، سنڌياڻي تحيڪ جي قيادت ڪئي. جيجي زرينہ قومي ۽ طبقاطي جدوجھد ۾ روح ڦوڪڻ سان گڏ سنڌي سھرن کي بہ نئون روپ ڏنو جيڪي اڄ تائين گونجن ٿا. سنڌياڻي تحريڪ جي وجُود سندس ڪاوشُن جو نتيجو آھي، ھُوءَ ھڪئي وقت استاد بہ ھئي، قومي فنڪاره، اديب ، ليکڪا بہ ھئي، جيجي هميشه لاء امُر ٿي وئي ۽ سندس يادُون هميشه ياد رهنديُون. اڳواڻن چيو تہ جيجي زرينه بلوچ پنھنجو تسلسل اياز لطيف پليجو جي روپ ۾ ڏئي وئي آھي، جيڪو جيجي زرينه جو لخت جگر آھي ۽ سنڌي قوم کي بيدار ڪرڻ ۾ رڌل آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌياڻي تحريڪ
فنڪاره جيجي زرينا بلوچ
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي سنڌياڻي تحريڪ
0 تبصرے