English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر پرهه سومرو جي صدارت هيٺ گڏجاڻي منعقد
views
|
05th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
گڏجاڻي ۾ سنڌياڻي تحريڪ پاران 17 نومبر تي ڪراچي ۾ اعلانيل عظيم الشان ريلي جي حوالي سان رٿا بندي ڪئي وئي
ملير( رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) عوامي تحريڪ ضلعي ملير جي گڏجاڻي ضلعي صدر پرھ سومرو جي صدارت ۾ ٿي. جنھن ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري خصوصي شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ سنڌياڻي تحريڪ پاران 17 نومبر تي ڪراچي ۾ اعلانيل عظيم الشان ريلي جي حوالي سان رٿا بندي ڪئي وئي. گڏجاڻي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته شهباز حڪومت آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ وارو بل پاس ڪري جمهوريت جو قتل ڪيو آهي. ان قانونسازي وسيلي جمهوريت کي ڪمزور ڪيو ويو آهي. شهباز حڪومت مڪمل طور اسٽيبلشمينٽ جي ساٿاري بڻيل آهي. پارليامينٽ مان عوامي ڀلائي جي ڪا به قانونسازي ناهي ٿي. موجودہ هائبرڊ حڪومت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ آئين کان مٿاهين قانونسازي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته سنڌ سميت ننڍين قومن جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ لاءِ عوام دشمن قانونسازي ڪئي پئي وڃي. هڪ طرف ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ منصوبن جي آڙ ۾ سنڌ جي 13 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمين نيلام ڪئي پئي وڃي ته ٻئي طرف ارسا ايڪٽ ترميم وسيلي سنڌو درياهه تي مڪمل طور تي قبضو ڪيو پيو وڃي. هن وقت ملڪ تي مڪمل طور تي عالمي سامراجي اشارن تي هلندڙ حڪومت قائم آهي. پيپلز پارٽي اقتدا جي لالچ ۾ سنڌ جو انچ انچ وڪرو ڪري ڇڏيو آهي. صدر زرداري سنڌ جي زمينن تي قبضن جو پروانو لکي ڏئي ڇڏيو آهي. صدر زرداري صدارتي سيٽ بچائڻ خاطر سنڌو درياهه به وڪرو ڪري رهيو آهي. وسند ٿري وڌيڪ چيو ته سنڌ سنڌين جو هزارين سالن کان تاريخي وطن آهي. سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن جي مالڪي لاءِ سنڌ جو عوام پرامن جمھوري جدوجھد جاري رکندو. 17 نومبر تي سنڌياڻي تحريڪ جي عظيم الشان ريلي ۾ هزارين سنڌياڻيون ڪراچي ۾ اچي سنڌ دشمن منصوبن کي رد ڪنديون. ڪالا باغ ڊيم جيان ڇهن نون ڪينالن جي سنڌ دشمن منصوبن کي به سنڌياڻي تحريڪ دفن ڪندي. گڏجاڻي ۾ ڪامريڊ علي محمد ڪلمتي،ايڊووڪيٽ خالد تنيو، نظير ميمڻ، عزيز لانگاھ، زبير نوناري، مير نوروز ڪلمتي، شاني سومرو، زوھيب ڪلمتي ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
عوامي تحريڪ
پرهه سومرو
سنڌياڻي تحريڪ
0 تبصرے