English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌو درياھ تي مسلسل ڌاڙن سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڀڙڀانگ ڪري ڇڏي آھي: اياز لطيف پليجو
views
|
05th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ ۾ جھنگ جو قانون آھي، جيڪو جيترو طاقتور آھي، اھو بادشاھ بڻجي ڦرلٽ ۽ دھشت جو راڄ قائم ڪيون ويٺو آھي
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ جھنگ جو قانون آھي. جيڪو جيترو طاقتور آھي، اھو بادشاھ بنجي ڦرلٽ ۽ دھشت جو راڄ قائم ڪيو ويٺو آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ تي مسلسل ڌاڙن سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڀڙڀانگ ڪري ڇڏي آھي۔ سمنڊ ٺٽي، سجاول ۽ بدين جي ساحلي پٽي وارا تعلقا تيزي سان ڳڙڪائي رھيو سمنڊ ۾ درياھ جو ڇوڙ نہ ٿيڻ ڪري تمر جا ٻيلا ختم ٿي ويا آھن۔ ڪوٽڙي کان ھيٺ سمنڊ تائين درياھ جي ڪنڌي سان رھندڙ لکين آبادي غربت، بک، بدحالي جو شڪار ٿي وئي آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي ۽ زرداري مافيا سنڌ کي بک، بدحالي، ڌاڙيل راڄ، منشيات، ڪرپشن، ميرٽ جي لتاڙ ۽ لاقانونيت جي باھ ۾ اڇلائي ڇڏيو آھي. سنڌ جا ڪرپٽ حڪمران نٿا چاهين تہ سنڌ ۾ ميرٽ ھجي، تعليم ۽ سائنس ھجي، روزگار ۽ خوشحال ھجي. پيپلزپارٽي جي حڪمرانن سنڌ جو ڪوئلو، گئس، ساحلي پٽي، ڪوھستان، ڪراچي سميت وڏن شھرن جون زمينون، ٻيٽ، ڪينجھر، ڪارونجھر، پاڻي ۽ ٻيا وسيلا چوٿون ڀيرو اقتدار ملڻ خاطر وڪڻي ڇڏيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو سنڌ حڪومت سنڌي ماڻهن کي اصل مسئلن تان ڌيان ھٽائڻ لاءِ ڌاڙيل راڄ ۽ بدامني کي ختم نٿي ڪري. مھانگائي ذريعي عوام جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي. سنڌ حڪومت جا سمورا کاتا عوام آزار بنجي ويا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ ۾ تعليم، صحت، روزگار، زراعت، صنعت، آئي ٽي ٽيڪنالاجي، خوشحالي ڏيڻ بدران سنڌ جي ماڻھن کي پينو فقيرن جو لشڪر بنائڻ چاھي ٿي. سنڌي ماڻھن ۾ پنھنجن بنيادي حقن لاءِ سياسي مزاحمت پيدا نہ ٿئي، جرئت نہ ٿئي، انھن جي اجتماعي آواز کي دٻائڻ ۽ اصل مسئلن تان ڌيان ھٽائڻ لاءِ ڌاڙيل ڪلچر کي مضبوط ۽ طاقتور ڪيو ويو آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
امام حسين عليه السلام جي صبر ۽ شڪر کي لک سلام ..
01st Jul 2025
•
سندھ
دادو میں خلق جی خدمت آرگنائزیشن کی جانب سے محرم الحرام کے موقع پر ٹھنڈے پانی اور شربت کی سبیل سبیل کا اہتمام
01st Jul 2025
•
سندھ
ال میچ میکر ایسوسی ایشن کے چیئرمین سمیع شیخ کا "ہمسفر فورایور لوو" میرج بیورو کے دفتر کا دورہ
01st Jul 2025
•
شوبز
سیان بروک نے ’ہاؤس آف ڈریگن‘ میں مختصر کردار سے ناظرین کو متاثر کر دیا
01st Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
امام حسين عليه السلام جي صبر ۽ شڪر کي لک سلام ..
01st Jul 2025
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي کي عوام دشمن قرار ڏئي ڇڏيو
01st Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڪاٺوڙ واسين جو بجلي ۽ پاڻي گهرڻ ڏوھ بڻجي ويو، 300 کان وڌيڪ ڳوٺاڻن تي ڪيس داخل
01st Jul 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ دريا خان مري واسي لا جي شاگرد معيز علي چوهاڻ جو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
سنڌو درياھ
سنڌ ۾ جھنگ
حيدرآباد
0 تبصرے