English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ايس ٽي پي پاران ڪراچي ۾ رٿيل احتجاج 24 نومبر بدران 8 ڊسمبر تي ٿيندو: ڊاڪٽر قادر مگسي
views
|
19th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
20نومبر سڀاڻي سڪرنڊ بائي پاس تي لڳنڌڙ ڌرڻي جي تيارين تي اطمينان جو اظهار
حيدرآباد ( احسان ابڙو )سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت ۾ پارٽي جي باڊي جو هنگامي اجلاس ٿي گذريو، اجلاس ۾ سنڌو درياءِ تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي خلاف جاري احتجاجي تحريڪ جو جائزو ورتو ويو. 20 نومبر سڀاڻي سڪرنڊ بائي پاس تي لڳنڌڙ ڌرڻي جي تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ 24 نومبر تي ڪراچي ۾ رٿيل احتجاج جي تاريخ تبديل ڪري 8 ڊسمبر تي رکيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ايس ٽي پي پاران سنڌو درياءَ تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي خلاف جاري احتجاجي تحريڪ جي سلسلي ۾ 24 نومبر ڪراچي ڦوهارا چوڪ تي احتجاج هاڻي 8 ڊسمبر تي ٿيندو ڇاڪاڻ ته 24 نومبر تي پي ٽي آئي احتجاج جو سڏ ڏنو آهي. جيڪو هُن جي سياسي زندگي ۽ موت جي سوال تي ٻڌل آهي ته ان ڏينهن انديشو آهي ته پوليس ۽ پي ٽي آئي ڪارڪنن جي وچ ۾ چڪريون هلنديون رهنديون ۽ اسان نٿا چاهيون ته ٻن سياسي پارٽين جي ڪارڪنن جي وچ ۾ ٽڪراءُ وارو ماحول جُڙي انڪري 24 نومبر جي بدران هاڻي ڪراچي ۾ 8 ڊسمبر تي سنڌو درياءِ تي ڪئنال جوڙڻ واري منصوبي خلاف احتجاج ڪيو ويندو. جڏهن ته 24 تاريخ سڄي سنڌ ۾ ضلعن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. 27 نومبر تي مٺي ٿرپارڪر، 28 نومبر تي عمرڪوٽ، 29 نومبر تي سانگهڙ، 03 ڊسمبر تي جيڪب آباد، 4 ڊسمبر تي ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۽ 05 ڊسمبر تي شڪارپور ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي قيادت جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته سنڌو درياءِ سنڌ جي ملڪيت آهي ان سنڌين جو دائمي، آفاقي ۽ قانوني حق آهي ڪنهن کي به اها اجازت نه ڏني ويندي ته سنڌين کان سندن جيئڻ جو ذريعو کسي. هن چيو ته ماضي ۾ جئين جنرلن ۽ آمرن جي دور ۾ سنڌ سياسي جدوجھد ڪري سنڌو درياءِ کي بچايو آهي هاڻي به اها سياسي جدوجھد سان هنن حڪمرانن کي شڪست ڏيندي. هن سڀاڻي سڪرنڊ ۾ رٿيل ڌرڻي جي لاءِ عوام کي اپيل ڪئي ته هو 20 نومبر سڪرنڊ جي جلسي ۾ ڀرپور شرڪت ڪري حڪمرانن کي اهو پيغام ڏين ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي سنڌو درياءِ جا وارث آهن اهي سنڌو درياءِ خلاف ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا. اجلاس ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي وائيس چيئرمين حيدر شاھاڻي ، هوت خان گاڏهي، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ ، قادر چنا، امتياز سمون ،ڊاڪٽر سومار مڱريو ،عاشق سولنگي، خدا بخش درس، ڊاڪٽر مظھر ميمڻ ۽ٻين پاران شرڪت ڪئي وئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان کی کامیابی سے بھارت کی معیشت ہچکولے کھار رہی ہے، سعید غنی
15th Aug 2025
•
سندھ
جمہوری وطن پارٹی کی جانب سے پی ایس 122 میں 78واں جشن آزادی خصوصی تقریب میں منایا گیا
15th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیلاب نے تباہی مچا دی، مجموعی اموات 148 ہوگئیں، وزیراعلیٰ کا امدادی ہیلی کاپٹر حادثے کا شکار
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو جي حسام ميڊيڪل سينٽر تي 14آگسٽ تي 11عورتن جي ڊليوري تي 11 ٻارڙن جنم ورتو: ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڊاڪٽر قادر مگسي
ايس ٽي پي
حيدرآباد
STP
qadir
Magsi
0 تبصرے