اڄ ڪلھ جي مسئلن جي پس منظر ۾ قرآني تعليمات جي اثرن تي فقير وزير علي ابڙو تفصيلي روشني وڌي
شڪارپور ( احسان ابڙو ) شڪارپور ۾ ”قرآن فهمي اڄ جي اهم ضرورت" ليڪچر منعقد ڪيو ويو اڄ ڪلھ جي مسئلن جي پس منظر ۾ قرآني تعليمات جي اثرن تي فقير وزير علي ابڙو تفصيل سان روشني وڌي تقريب ۾ وڪيلن، سماجي اڳواڻن، صحافين ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي شڪارپور پريس ڪلب ۾ ”قرآن فهمي اڄ جي اهم ضرورت" جي عنوان هيٺ ليڪچر پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ”فهم القرآن“ جي مصنف ۽ درگاه شهيد سيد ملنگ بابا جي فقير وزير علي ابڙو چيو ته مسلمانن جي ابتدائي عروج جو سبب قرآن جي تعليمات تي مڪمل عمل ڪرڻ هو ۽ اڄ جي بدترين حالتون قرآن جي تعليمات کان دور ٿيڻ جو نتيجو آهن. افسوس جي ڳاله هو آهي ته اسان آخرت جو حساب وساري ڇڏيو اگر سزا جزا هجڻ جو سان کي يقين هجي ته شايد انسان ڪنهن ٻئي سان زيادتي نه ڪري، ڪنهن جا حق نه کائي ۽ نه ئي ڪنهن جي دل آزاري ڪري ها ۽ نه ئي ڪنهن جي حق تلفي نه ڪري قران شريف ۾ قران جي متعلق 132 دفعه ذڪر آيو آهي نماز ۾ 82 دفعه حوالو موجود آهي جڏهن ته انسان جي حوالي سان 79 ڀيرا ذڪر آهي قرآن کي سمجھڻ لاءِ ضرري آهي ته ان کي ترجمي ۽ تفسير سان پڙيو وڃي. اسان انهن شين کان پري آهيون جن جي اسان کي قرآن ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ۽ جن شين کان اسان کي روڪيو ويو آهي اهي اسان جي زندگين ۾ داخل ٿي ويا آهن. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان قرآن جي ويجهو اچي ان جو نه صرف مطالعو ڪريون پر قرآني هدايتن کي چڱيءَ طرح سمجھون، انهن تي غور ويچار ڪريون ۽ انهن کي اهو مقام ڏيون، جنهن جو قرآن اسان جي عملي زندگيءَ ۾ تقاضا ڪري ٿو. . قرآن اسان کي ٻڌائي ٿو ته جيڪڏهن اسان زڪوات، صدقه ۽ خيرات کي يقيني بڻائينداسين ته پوءِ ڪو به غريب ۽ مستحق نه رهندو. پنهنجي کيسي ڀرڻ کان بهتر آهي ته پنهنجو سرمايو ڪنهن ڪارخاني يا ڪاروبار ۾ لڳايون ته جيئن ٻين کي به روزگار ۽ خوشحالي جو فائدو حاصل ٿئي . جيڪڏهن قرآن کي غور ۽ فڪر سان پڙهيو وڃي ته اهو مئل دلين کي روشن ۽ زنده ڪري ٿو صدر پريس ڪلب شڪارپور سوڌو جيمس چيو ته اسان جي معاشي ۽ سماجي ترقي اصلاح ۽ تربيت ذريعي ئي ممڪن آهي. سيڪريٽري سنڌي ادبي سوسائٽي شڪارپور شاخ ڊاڪٽر شريف شاد سومرو ”قرآن کي سمجھڻ“ سان اسان پنهنجن مسئلن ۽ خامين مان نجات حاصل ڪري سگهون ٿا انور علي سومرو چيو ته فقير وزير علي ابڙو جو مقصد انساني اصلاح ۽ ڀلائي آهي، سندس شاعريءَ ۾ هدايتن جا نادر مثال موجود آهن. ڪالم نگار نسيم بخاري چيو ته فقير وزير علي ابڙو سنڌي ٻولي ۾ قرآن مجيد کي ترتيب ڏئي هڪ نئين ۽ منفرد تاريخ رقم ڪئي آهي. محبوب بلالاڻي چيو ته قرآن کي سمجھڻ فقير وزير علي جي وڏي ڪاميابي آهي. تقريب ۾ ايڊووڪيٽ عبدالقادر ابڙو، ايڊووڪيٽ اصغر علي پهوڙ، ايڊووڪيٽ شفيق الرحمان ابڙو. ان موقعي تي سماجي اڳواڻن پرويز ابڙو، اعجاز ڪاڪيپوٽو، اسدالله سومرو، عبدالستار ڪالادي، اديب عبدالجبار عبد نياز ميمڻ، ارباب علي عادل چوهاڻ، عديل مهر، جبران سومرو، ناصير نماڻو، صحافين ۾ نادر بلوچ، سلطان سومرو، عابد حسين سولنگي، اشرف علي ڀٽو,ديدار بلوچ ۽ ٻين پاران شرڪت ڪئي وئي
0 تبصرے