English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مٺي ۾ ٻن ڏينهن واري جوڻيجا سپر ليگ جو دنگل جوڻيجا ڪنگ کٽي ورتو
views
|
23rd Dec 2024
•
سنڌي خبرون
فائينل ۾ جوڻيجا فائيٽر کي شڪست ملي
مٺي (اسپورٽس نيوز) مٺي ۾ ٻن ڏينهن جي جوڻيجا سپر ليگ جو انعاد مٺي جي ماروي ڪرڪيٽ گرائونڊ تي ڪيو ٻن ڏينهن جي ٽورنامينٽ ۾ ڇهه مختلف ٽيمن مقابلا ڪيا . ٽورنامينٽ ۾ ايم اين اي ڊاڪٽر مھيش ڪمار ملاڻي ، بلند خان جوڻيجو ، وڏيرو نواز جوڻيجو ، اعجاز جوڻيجو، رستم جوڻيجو، مطلب جوڻيجو، سشيل ملاڻي ، غلام محمد جوڻيجو ، کاٽائو جاني، عاقب جوڻيجو ، سراج سومرو ، ميهار جوڻيجو ، ستار جوڻيجو ارباب منظور صدورو جوڻيجو برڪت خان شان جوڻيجو ، عبدالقيوم ، ڪليم جوڻيجو سميت مختلف سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي نوجوان رانديگرن جي حوصلا افزائي ڪئي ٽورنامينٽ ۾ وڏي انگ ۾ ڪرڪيٽ شائقين شريڪ ٿيا. فائنل مقابلو جوڻيجا ڪنگ ۽ جوڻيجا فائٽر ۾ ٿيو جيڪو جوڻيجا ڪنگ سجاد جوڻيجو جي سربراهي ۾ کٽي جوڻيجا سپر ليگ پنهنجي نانءُ ڪئي. کٽندڙ ٽيم سميت حصو وٺندڙ رانديگرن سميت ليگ جي آرگنائزرن کي شيلڊيون ڏنيون ويون.انهي موقعي تي آرگنائزر جي آر جوڻيجو ، ڌڻي بخش ، اسلم جوڻيجو ، جمن جوڻيجو ، ڊاڪٽر سهراب . رحيم جوڻيجو ، مرتضيٰ جوڻيجو، شھجان جوڻيجو، سرفراز جوڻيجو ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي مختلف ضلعن مان جوڻيجا برادري جي ٽيمن حصو ورتو آھي. اسان جو مقصد پنهنجي نوجوان رانديگرن جي ٽئلنٽ کي ظاهر ڪرڻ آھي. سموري سنڌ ۾ اهڙيون سرگرميون ڪيون وينديون. ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي ، بلند خان جوڻيجو ، وڏيرو نواز جوڻيجو اعجاز جوڻيجو ۽ ٻين چيو ته نوجوانن جون صلاحتون تعريف لائق آھي صحتمند سرگرميون ڪنهن به معاشري جي بهتري جي لاء ضروري آھن. ليگ ۾ سانگهڙ بدين شھدادڪوٽ ٿرپارڪر سميت مختلف ضلعن جي رانديگرن وڏيرو احسن جوڻيجو ، سجاد جوڻيجو ، فياض جوڻيجو ، جبار جوڻيجو ، ياسر نواز ، منان جوڻيجو ، زمان جوڻيجو ، مرتضيٰ جوڻيجو ، نظير جوڻيجو ، ڪريم بخش سميت مختلف رانديگرن حصو ورتو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن تي ڌاڙو نامنظور
17th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبرپختونخوا، کشمیر، گلگت میں ہلاکتیں 400 سے متجاوز، شدید بارشوں کی پیشگوئی
17th Aug 2025
•
تازہ ترین
لودھراں عوام ایکسپریس کو حادثہ، ایک مسافر جاں بحق، 20 سے زائد زخمی۔
17th Aug 2025
•
تازہ ترین
ڈان نیوز کراچی کے رپورٹر خاور حسین کی لاش سانگھڑ میں گاڑی سے برآمد
17th Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن تي ڌاڙو نامنظور
17th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
بوزداروڏا ٿاڻي جي حد ڳوٺ صبڙ خان رند واسڻ ناري سان مبينا زيادتي جي ڪوشش
17th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: ريڙهي ڳوٺ ۾ معصوم ٻارڙو کليل گٽر ۾ ڪِري پيو
17th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ ۾ شديد برساتن جي اڳڪٿي باوجود سنڌ ۾ ڪي به قدم ناهن کنيا ويا: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ
جوڻيجا فائيٽر
جوڻيجا سپر ليگ
مٺي
0 تبصرے