English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي ناليواري صحافي ۽ اديب پروفيسر بيدار جعفري جي ياد ۾ ملير ۾ تعزيتي ميڙاڪو
197 views
|
19th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
بيدار جعفري سڄي زندگي علم ادب ۽ سماج لاء وقف ڪري ڇڏي ۽ سندس خدمتون سنهرو باب آهي: مقرر
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)سنڌ جي ناليواري صحافي اديب پروفيسر بيدار جعفري جي ياد ۾ سنڌي ادبي سنگت ملير ۽ عوامي پريس ڪلب ملير پاران تعزيتي ميڙاڪو منعقد ڪيو ويو, سياسي سماجي ادبي ۽ صحافين جي وڏي تعداد ۾ شرڪت , بيدار جعفري سڄي زندگي علم ادب ۽ سماج لاء وقف ڪري ڇڏي ۽ سندس خدمتون سنهري باب آهي جنهن کي ڪڏهن به درگذر نه ٿيون ڪري سگهجن سندس وڇوڙو علم ادب ۽ صحافت لاء وڏو نقصان سمجهون ٿا مقررن جو خطاب، تفصيل موجب سنڌ جي نالي واري اديب صحافي مصنف پروفيسر بيدار جعفري جي وڇوڙي تي سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير ۽ عوامي پريس ڪلب ملير طرفان عوامي پريس ڪلب ملير جي بابا اڪبر بلوچ هال ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو جنهن ۾ ملير جي مختلف سياسي سماجي ادبي شخصيتن ۽ صحافين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي تعزيتي ميڙاڪي کي سينيئر صحافي پروفيسر بيدار جعفري جي شاگرد اديب حميد سومرو پروفيسر رياض خاصخيلي موسي ڪاظم جعفري سياسي اڳواڻ علي مستوئي غوث پيرزادو وحيد سيال سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي سيڪريٽري اصغر مهرائي پرفيسر امتياز دانش سيد غفور شاھ تقوي ۽ سينيئر صحافي نصرالله جمالي ٻين خطاب ڪندي چيو ته پرفيسر بيدار جعفري پنهنجي پوري زندگي علم ادب لاء وقف ڪري ڇڏي هئي جعفري صاحب جي خدمتن کي ڪڏهن به فراموش نه ٿو ڪري سگهجي بيدار جعفري پنهنجي شخصيت ۾ هڪ ادارو هيو جنهن پنهنجي زندگي , ڪيترن ئي سماجي ڪمن ۾ نمايان رهيو ۽ ڪيترن ئي غريب مسڪين نياڻين کي تعليم ڏياري ۽ تعليمدان جي حيثيت ۾ سدائين نيڪ نيتي ۽ سچائي سان پاڻ نڀايو ۽ سندس ڳالهائڻ ۽ ڪچهري وقت عملي ۽ ادبي ٻولي نمايان هوندي هئي بيدار جعفري هڪ ئي زندگي ۾ تعليم دان اديب ليکڪ صحافي ۽ سماج سڌارڪ ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو صحافت جي ميدان ۾ سدائين سنڌ ۽ سنڌي قوم جي مسئلن کي بنا خوف جي اعلي ايوانن تائين پهچائيندو رهيو سماجي طور تي سوين ٻارڙن کي مفت تعليم ڏياري ۽ سندن مدد ڪندو رهندو هو بيدار جعفري گهڻ رخي شخصيت هئي ان جهڙيون شخصيتون ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿينديون آهن سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير ۽ عوامي پريس ڪلب ملير کي هڪ تاريخ ساز شخصيت جي ياد ۾ پروگرام ڪرڻ سلام پيش ڪيون ٿا تقريب کي عوامي پريس ڪلب ملير جي نائب صدر سيد عنايت شاھ جمشيد زهراڻي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌ
پروفيسر بيدار جعفري
ملير
0 تبصرے