English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ ڪراچي ڊويزن جو اجلاس اشفاق چنڙ جي صدارت ۾ ٿي گذريو
57 views
|
13th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
اجلاس ۾ سنڌ جي موجوده ۽ ڪراچي جي تنظيم صورتحال تي غور ويچار ڪرڻ کانپوء اهم فيصلا ڪيا ويا
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ ڪراچي ڊويزن جو اجلاس ڪراچي صدر اشفاق چنڙ جي صدارت ۾ ٿي گذريو. اجلاس ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر فرحان لاڙڪ ۽ مرڪزي رابطا سيڪريٽري ڪاشف خاصخيلي خصوصي شرڪت ڪئي۔ قومي عوامي تحريڪ ڪراچي ڊويزن جي سينئير نائب صدر ساٿي فياض اتيري جي ڀائٽي جي قتل ۽ سندس کان ٿيندڙ ڦر جي اجلاس ۾ سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ فيصلو ڪيو ويو تہ قاتل ڏوهارين جي گرفتاري تائين تنظيم پاران هرقسم جو سهڪار ڪيو ويندو اجلاس ۾ سنڌ جي موجوده ۽ ڪراچي جي تنظيم صورتحال تي غور ويچار ڪرڻ کانپوء اهم فيصلا ڪيا ويا۔سنڌو درياء مان 6 ڪيئنال ڪڍڻ خلاف 2 فيبروري تي 3 وڳي محترم اياز لطيف پليجو صاحب جي اڳواڻي ۾ ماروئڙا ڳوٺ کان سچل لائبريري تائين ريلي ڪڍي ويندي.2 فيبروري ايس ايس ٽي جو مرڪزي ڪنوينشن ۽ شهيد عاشق جوڻيجي جي ورسي شام جو 5 وڳي سچل لائبريري، سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ ملهائي ويندي، جنهن جو مهمان خاص اياز لطيف پليجو هوندو۔ ڪراچي ڊويزن جي تنظيم کي يونٽ سطح تائين بهتر ۽ مضبوط ڪرڻ لاء ضلعن جا اجلاس رکيا ويا آهن جنهن ۾ ضلعي ملير جو اجلاس 19 جنوري تي ۽ ضلعي ڪورنگي جو اجلاس 26 جنوري تي ۽ ضلعي ويسٽ جو اجلاس 18جنوري تي ڪيو ويندو ۔ جڏهن تہ ضلعي ايسٽ جي آرگنائيزنگ باڊي ٺاهي وئي، جنهن ۾ آرگنائيزر ارسلان منگي، سيڪريٽري حنيف سومرو ۽ ميمبرن ۾ مدثر سرڪي، سائين شبير ميمڻ، مقصود سومرو، مير مرتضا ۽ زين قريشي مقرر ڪيا ويا۔سائوٿ ضلعي جو اي ڪي بروهي ايڊووڪيٽ کي آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو۔ اجلاس ۾ قومي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيندڙ ڀينرن ياسمين چانڊيو ۽ ادي پرھ کي اجلاس ۾ ڀليڪار ڪيو ويو ۽ کين سنڌ جي ثقافت اجرڪن جا تعفا پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر فرحان لاڙڪ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو تہ وسيلن ۽ سنڌو درياھ جي سوديبازي جي شرط تي پيپلز پارٽي کي چوٿون ڀيرو اقتدار ڏنو ويو آھي. جيڪو ڪم ضياالحق ۽ پرويز مشرف نہ ڪري سگھيو اھو ڪم پيپلزپارٽي ۽ آصف زرداري ڪري رھيو آھي پر سنڌي ماڻھو زمينن، وسيلن جي نيلامي ۽ سنڌو درياھ کي ختم ٿيڻ نہ ڏيندا. نوان ڪئنال سنڌو درياھ جي قتل جو پروانو آھي اھا سازش ھرگز ڪامياب ٿيڻ نہ ڏني ويندي. نوان ڪئنال ٺھڻ سان ڪراچي سميت سڄي سنڌ کي پيئڻ جيترو پاڻي نہ ملندو، انڊس رور سسٽم ۾ پاڪستان جي ضرورت جيترو پاڻي ناھي. گرين پاڪستان منصوبو سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ جو منصوبو آھي. قومي عوامي تحريڪ ڪراچي ڊويزن جي صدر اشفاق چنڙ خطاب ڪندي چيو تہ نوان ڪئنال سنڌ کي بيابان ۽ ڀڙڀانگ بنائڻ جو منصوبو آهي سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نہ ملڻ ڪري لکين ايڪڙ آباد زمين ويران ٿي وئي آھي. ڪوٽڙي کان ھيٺ پاڻي نہ ڇڏڻ ڪري سمنڊ ٺٽو، بدين ۽ سجاول ضلعي جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي. زير زمين پاڻي زھريلو ٿي ويو آھي، جنھنڪري ماڻھن ۾ بيماريون پکڙجي رھيون آھن. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ چيو تہ پيپلز پارٽي سنڌ جو پاڻي ھميشه لاءِ پنجاب جي حوالي ڪرڻ چاھي ٿي . سنڌو درياھ لاءِ احتجاج شروعات آھي. ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھر شھر سراپا احتجاج بنجي ويندا. سنڌو درياھ خلاف سازش بند نہ ٿي تہ لکين ماڻھو رستن تي اچي حڪمرانن کي ھلڻ نہ ڏيندا. انڪري سنڌ دشمن فيصلا بند ڪيا وڃن. قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ڪاشف خاصخيلي خطاب ڪندي چيو تہ پيپلز پارٽي اقتدار لاءِ سنڌ دشمن سازشون قبول ڪري رھي آھي. وفاق ۽ پنجاب سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪرڻ جي سازش ڪري رھيا آھن. وفاقي حڪومت سنڌو تي ڌاڙا ھڻڻ چاھي ٿي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏيڻ بدران سنڌ جي پاڻي تي وڌيڪ ڌاڙا ھڻڻ جي منصوبابندي ڪئي پئي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
اسلام آباد میں محرم الحرام کے پروگرام عقیدت و احترام سے منعقد
22nd Jun 2026
•
تازہ ترین
پیپلز پارٹی اور ن لیگ نے اٹھارویں ترمیم کی روح کو متاثر کیا: زین شاہ
22nd Jun 2026
•
تازہ ترین
وفاقی اور سندھ حکومت کا 9 اور 10 محرم الحرام کو عام تعطیل کا اعلان
22nd Jun 2026
•
دنیا
مشرقِ وسطیٰ میں جنگی خطرات، متحدہ عرب امارات کا بھارت سے براہموس میزائل اور آکاش تیر نظام خریدنے پر غور
22nd Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
اسلام آباد میں محرم الحرام کے پروگرام عقیدت و احترام سے منعقد
22nd Jun 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور: قيدي پاران ٻاهر ويٺلن کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڳالهه ۾ صدارت ناهي: جيل سپريڊنٽ
22nd Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رستم ڪلمتي بلوچ ڳوٺ جا رهواسي ڪميونٽي سينٽر سميت بنيادي سهولتن کان محروم
22nd Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ ٽائون جي 4 ارب 4 ڪروڙ 22 لک رپين جي بجيٽ منظور
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
قومي عوامي تحريڪ
ڪراچي
0 تبصرے