English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ ڳوٺاڻي پاران پٽ سميت ڌيءَ جي مبينا اغوا خلاف احتجاج
views
|
19th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
2مهينا اڳ منهنجي شادي شده ڌيءَ زينب ٿهيم کي اغوا ڪيو ويو: عزيزالله ٿهيم
سجاول (رپورٽر ) سجاول ۾ ڳوٺاڻي پاران اغوا ٿيل ڌيءَ جي بازيابي لاءِ احتجاج، ڇڇ جهان خان واسي عزيزالله ٿهيم پنهنجي پٽ علي شير ٿهيم سان گڏ سورج سجاولي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي صحافين اڳيان داهيندي چيو ته ٻه مهينا اڳ منهنجي شادي شده ڌيءَ زينب ٿهيم کي منهنجي برادري جي ماڻھن نالي غلام نبي ٿهيم، زمان ٿهيم، عرس ٿهيم، شڪور ٿهيم، يونس ٿهيم، محمد ٿهيم ۽ قاسم ٿهيم وارا گهران اغوا ڪري کڻي ويا هئا ۽ نياڻي کي مارڪٽ ڪري زوري ڪورٽن ۾ ڪوڙا بيان ڪرائي عبدالشڪور ٿهيم سان نڪاح ڪرائي ڇڏيو جڏھن ته منهنجي نياڻي جي اڳ ۾ به منهنجي سئوٽ سان راڄوڻي نڪاح ٿيل هو جنهن جا مون وٽ ثبوت پڻ موجود آهن. متاثر چيو ته هنن ٻيڻون منهنجي ڌيءَ جي اغوا جي مون پيءُ خلاف جاتي ٿاڻي تي ايف آئي آر داخل ڪرائي هئي جيڪا سراسر غلط ۽ ڪوڙي هئي جنهن جي اڄ ايڊيشنل سيشن ڪورٽ سجاول جي عدالت مان بيل ڪرائي آهي. متاثر چيو ته آئون پيءُ پنهنجي نياڻي کي ڪيئن ٿو اغوا ڪري سگهان جڏھن ته ان وقت آئون بيمار جي حالت ۾ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ داخل هوس، متاثرچيو ته آئون غريب مسڪين آهيان ظالمن منهنجي ڌيءَ کي اغوا ڪري اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن، هن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي سجاول کي اپيل ڪندي چيو ته ڌيءَ کي فورن ڪورٽ سڳوري ۾ پيش ڪري منهنجي سامهون روبرو بيان ورتو وڃي ۽ اسان کي هاڻي انهن ماڻھن مان جان جو خطرو آهي کين گرفتار ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
18th Aug 2025
•
سندھ
سندھ میں مہنگائی کا سبب کرپشن اور ناقص گورننس ہے، نظام وقیادت کی تبدیلی ناگزیرہے، اسد اللہ بھٹو ایڈوکیٹ
18th Aug 2025
•
سندھ
عہد کریں ،علم کی روشنی کو عام کرینگے، سید امتیاز الحق بخاری
17th Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن تي ڌاڙو نامنظور
17th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبرپختونخوا، کشمیر، گلگت میں ہلاکتیں 400 سے متجاوز، شدید بارشوں کی پیشگوئی
18th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ويجهو حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي
18th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
مدئجي ڀرسان مبينا مقابلي ۾ هڪ پوليس اهلڪار زخمي
18th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
وزير ۽ ڪامورا عوام جي ٽئڪس سان ھلن ٿا پر پاڻ کي بادشاھ سمجھن ٿا: اياز لطيف پليجو
18th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ويجهو رٽائرڊ فوجي جوان جو معصوم پٽ سميت احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عزيزالله ٿهيم
سجاول
0 تبصرے