English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيم اويئر ۽ سي پي ڊي آءِ جي گڏيل سهڪار سان ورڪشاپ منعقد
147 views
|
20th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
7مھينا گذرڻ باوجود به بجيٽ اجلاس ۾ رکيل اسڪيمن جو ڪم شروع نه ٿيو آھي: مقرر
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيم طرفان ورڪشاپ، شھر جي چونڊيل نمائندن، وڪيلن، سول سوسائيٽي ۽ شھر جي معززين وڏي انگ ۾ شرڪت. خبر موجب عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيم اويئر ۽ سي پي ڊي آئي جي گڏيل سھڪار سان ورڪشاپ ٿي گذريو جنھن ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ ھريش چندر، ميونسپل ڪميٽي جي ميمبرن رميش ڪمار رتناڻي، نندلال مالهي، عاشق سمون، ڊسٽرڪٽ بار ڪائونسل جي ميمبرن سينيئر ايڊوڪيٽ اظھر آرائين، اعجاز ھاليپوٽو، سماجي اڳواڻ ايڊوڪيٽ محمد بخش ڪنڀار، ايڊوڪيٽ نور محمد نھڙي، عبدالخالق، عوامي تحريڪ جي نوجوان اڳواڻ حليم مڱريو، صحافين غلام مصطفي مھر، سوائي مل، اويئر جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر علي اڪبر راهمون سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ اويئر جي ايگزيڪيٽيو ڊائريڪٽر علي اڪبر راھمون پاران پروجيڪٽ جو تفصيلي تعارف ڪرايو جڏھن ته ورڪشاپ دوران ڳالھائيندي ميونسپل ڪميٽي جي ميمبر رميش ڪمار رتناڻي چيو ته 7 مھينا گذرڻ باوجود به بجيٽ اجلاس ۾ رکيل اسڪيمن جو ڪم شروع نه ٿيو آھي اسان کان 40 لک رپين جي اسڪيمن بابت پرپوزل جمع ڪرايا پر اڃا تائين اسان کي ھڪ به اسڪيم ناھي ملي اسان وارڊ مان عوام جي ووٽن جي ذريعي چونڊجي آيا آھيون وارڊ جي عوام جو ڪجھ پاڙن جي گلين جو ڪم پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھ طرفان سنڌ حڪومت کان منظور ڪرايل فنڊن مان ٿيو آھي پر ميونسپل ڪميٽي مان چونڊجي اچڻ کانپوء ھن وقت تائين ھڪ به اسڪيم ناھي ملي ايم سي جي پي ٽي آء جي ڪائونسلر نندلال مالھي چيو ته اسان ته اپوزيشن ۾ آھيون حڪومتي ڌر سان لاڳاپيل ڪائونسلر به دانھون ڪن ٿا ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين ۽ سي ايم او ۾ اڻبڻت سبب ميونسپل ڪميٽي جو ڪارونھوار سخت متاثر آھي وڪيل اظھر آرائين چيو ته عوامي مسئلن جي لاء قانوني طور تي مدد ڪرڻ لاء آئون تيار آھيان ڪوبه شھري شھر جي ڪنھن به عوامي مسئلي لاء مون وٽ اچن ته آئون بغير فيس تي به ھنن جي مدد لاء تيار آھيان ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ ھريش چندر سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013 تي تفصيلي ڳالھايو ايڊووڪيٽ محمد بخش ڪنڀار رائيٽ ٽو انفارميشن ايٽ ۽ انھي جي اسٽيپ بائي اسٽيپ مڪينزم تي تفصيلي ڄاڻ ڏني آخر ۾ آيل سڀني معزز مھمان جو اويئر جي نمائندي عابد حسين نھڙي طرفان شڪريو ادا ڪيو ويو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ
ورڪشاپ
0 تبصرے