English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: سجاڳ ٻار تحريڪ يونٽ رزاق آباد پاران رسول بخش پليجو جي سالگرهه تقريب منعقد
77 views
|
20th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سالگرهه تقريب دوران رسول بخش پليجو کي شاندار ڀيٽا پيش، پريا ڪماري جي بازيابي جو مطالبو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سجاڳ ٻار تحريڪ يونٽ رزاق آباد جي طرفان دانشور, عوامي تحريڪ جي سربراہ رسول بخش پليجو جي 95ھين سالگره تقريب رزاق آباد ۾ ٿي جنهن ۾ ٻارڙن ڪيڪ ڪٽي رسول بخش پليجو کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي تقريب ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ ضلعي ملير جي صدر ڀورا لعل ڀيل ، يونٽ رزاق آباد جي نائب صدر والم ، يونٽ جنرل سيڪريٽري پرڪاش ڪمار ، دليپ ، منور ، لالچند ، راج نندني ، ڪيلاش ڪمار ڳالھائيندي چيو آھي ته گذريل ٽن سالن کان پريا ڪماري اغوا آهي پر اڃان تائين بازياب ناهي ٿي سگهي، پريا جا والدين ۽ عام ماڻهون ٽن سالن کان احتجاج ڪري رهيا آهن، پر ان جي باوجود پوليس ڪاروائي ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آھي اڳواڻن ٻڌايو ته ڪراچي جي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائڻ کي عيب سمجهيو وڃي ٿو ملير ۾ ڪيترائي اسڪول ھلن ئي ڪونھ ٿا جڏھن تہ لکن روپين جو بجيٽ ھر سال پاس ٿيندو آھي ملير جي علائقن ۾ امن تباھ لڳل آھي پوليس گھيري ننڊ ستل آهي سر عام ڌاڙا ھنيا ٿا وڃن پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه آھي ڪيو انھن ايس ايس پي ملير ۽ ايس ايڇ او شاھ لطيف کان مطالبو ڪيو آھي ته ھن علائقي جو امن بحال ڪري ڏنو وڃي اڳواڻن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو تہ، گذريل ٽن سالن کان اغوا ٿيل 7 ورهين جي ٻارڙي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ قانوني ادارن طرفان ڪا به ڪوشش ناهي ڪئي وئي، پوليس معصوم ٻارڙن کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي. ان ڪري معصوم ٻارڙن، جي بازيابي لاءِ ٻارڙن جا والدين سخت پريشان آھن، جنھن جي ذميوار پوليس ۽ سنڌ حڪومت آھي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سازش تحت سنڌ کي ڌاڙيلن حوالي ڪيو ويو آهي اڳواڻن هاءِ ڪورٽ آف سنڌ، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سميت سمورن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پريا ڪماري سميت اغوا ٿيل سمورن ٻارڙن کي جلد بازياب ڪرايو وڃي، نہ ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
سجاڳ ٻار تحريڪ
رزاق آباد
رسول بخش پليجو
0 تبصرے