English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ هالاڻي واسڻ مبينا زيادتي جو نشانو بڻيل ناري جو ماءُ سان گڏ احتجاج
61 views
|
05th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
ضلعي ڪائونسل ميمبر مختيار نانگور ٻن سالن تائين زنا جو نشانو بڻايو: صوبيه قاضي
نوشهروفيروز(ڊ ر )انصاف ڏياريو نوشهروفيروز ۾ ھالاڻي واسڻ عورت جو ماءُ سان گڏ پريس ڪلب آڏو احتجاج، ھالاڻي ۾ بااثر ضلعي ڪائونسل جي ميمبر جي لڳاتار زيادتي جو نشانو بڻيل نياڻي کي انصاف نه مليو، ڪيس داخل ٿيڻ باوجود نه ته جوابدار گرفتار ٿيا نه ئي وري ناري کي تحفظ مليو، رپورٽ موجب ھالاڻي ۾ ضلعي ڪائونسل جي ميمبر مختيار نانگور پاران مبينه طور ناري صوبيه قاضي کي لڳاتار ٻن سالن تائين زنا جو نشانو بڻائڻ جو ڪيس نوشهروفيروز ٿاڻي تي داخل هجڻ باوجود اڃان تائين ڪيس ۾ گهربل جوابدار مختيار نانگور ۽ سندس نياڻو سجاد علي گرفتار ناهن ٿي سگهيا نه ئي وري پوليس سندن گرفتاري لاء ڪي ڪوششون ورتيون آهن.ڪيس داخل هجڻ باوجود جوابدار گرفتار نه ٿيڻ سبب جوابدارن ناري جي زندگي زهر بڻائي ڇڏي آهي ۽ هو دربدريءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي.هوڏانهن جوابدار گرفتار نه ٿيڻ ۽ ڌمڪيون ملڻ خلاف ناري صوبيه پنهنجي امڙ ۽ معصوم ڌيءَ سان گڏ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي ميڊيا آڏو دانهيندي هن چيو ته مختيار نانگور شادي جو ڪوڙو دلاسو ڏئي لڳاتار مختلف جاين تي رکي زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ دانهون ڪرڻ تي امڙ سان ملڻ به نه ڏنو ويندو هو.هن چيو پوليس ڪيس داخل ٿيڻ کي مهينو گذرڻ باوجود جوابدار گرفتار نه ڪيا ۽ ڪيس جو جاچ آفيسر جوابدار ڌر سان ملي ڪيس کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.هن چيو ته جوابدار ڌر ڪيس تان هٿ نه کڻڻ تي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهي آهي جنهن ڪري معصوم ڌيءَ ۽ امڙ سميت مونکي جان جو خطرو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور جوابدار گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال شروع ڪندس.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز
هالاڻي واسڻ
0 تبصرے