جمعہ، 06 نومبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ فاضل راڄپر واسڻ ناري جو والد سان گڏ ساهرن خلاف احتجاج

سنڌي خبرون 15th Oct 2025 249 مناظر
نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ فاضل راڄپر واسڻ ناري جو والد سان گڏ ساهرن خلاف احتجاج
نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ فاضل راڄپر جي رهواسي عورت گلزادان لاشاري پنهنجي پيءُ محمد حسين لاشاري سان گڏ پريس ڪلب پهچي ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو آهي ته يارنهن مهينا اڳ وقار لاشاري سان شادي ٿي آهي ۽ هاڻي سس، سهرو وري طلاق جون ڳالھيون ڪري رهيا آهن مڙس طلاق نه ٿو ڏئي ان جا مائٽن مونکي ڏيڍ مهينو اڳ ڪڍي ڇڏيو آهي جنهن کانپوءِ مان پنهنجي پيءُ جي گهر ٿي رهان ته پويان طلاق جو ڪوڙو پنو ٺهرائي موڪليو ويو آهي هن چيو ته منهنجو سهرو عبدالستار لاشاري ، ان جا ڀائر جبار ،الهيار لاشاري وارا گهر نه ڇڏڻ جي صورت تشدد ڪندا هيا هن مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ