جيڪب آباد ۾ بنگلاڻي برادري جو ايس ايڇ او ڪريم بخش خلاف ڌرڻو
جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ڀرسان ايس ايڇ او ڪريم بخش خلاف بنگلاڻي برادري پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، سنڌ بلوچستان کي ملائيندڙ مانجھي پور روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو پوليس خلاف نعريبازي، مظاھرين جو چوڻ ھو تھ ايس ايڇ او ڪريم بخش ٿاڻو محمد حسن جوڻيجو راشي آفيسر آهي عام ماڻھن جو جيئڻ جنجال بڻايو ويو ايس ايڇ او گذريل ڏينهن نوجوان کي گرفتار ڪري 70 هزار رشوت وٺڻ کان پوءِ آزاد ڪيو ايس ايڇ او ڪريم بخش ٿاڻي کي هٽائي ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ايس ايس پي هائوس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو