نوشهروفيروز واسي نوجوان اغوا، 50 لک ڀُنگ طلب
ڀاءُ سکر ڪمائڻ ويو هو، ڌاڙيلن فون ڪري 50 لک ڀُنگ گهريو آهي: منصور
نوشهروفيروز(ڊ ر) نوشهروفيروز رهواسي سکر مزدوري تي ويل پورھيت نوجوان مبينا طور اغوا وارثن کان پنجاھ لک رپيا ڀنگ طلب ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ کوڙو شريف واسي شاھد ڪلھوڙو سکر مان مبينا طور اغوا ٿي ويو آھي ان سلسلي ۾ پورھيت نوجوان جي ڀاءٔ منصور ڪلھوڙو ٻڌايو ته منھنجو ڀاءٔ سکر جي گودام تي مزدوري لا۽ ويل ھو اسان کي سندس نمبر تان ڌاڙيلن جي فون آئي آھي ته توھان جو ڀاءٔ اسان وٽ قيد آھي پنجاھ لک رپيا ڀنگ ڏيو نه ته توھان کي نوجوان جو لاش ملندو ھن ٻڌايو ته غريب مسڪين آھيون پنجاھ لک رپيا ڪٿان آڻيون ھن اعلي اختيارين کان معاملي جو نوٽيس وٺي نوجوان کي بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آھي