ڀينس ڪالوني جي خانگي ڪلينڪ ۾ مبينا غلط انجيڪشن لڳڻ سبب 45 ورهين جي عورت فوت
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڀينس ڪالوني روڊ نمبر 08 تي شيريار ٽائون ويجهو قائم هڪ خانگي ڪلينڪ ۾ مبينا طور غلط انجيڪشن لڳڻ سبب 45 ورهين جي عورت فوت ٿي وئي، افسوسناڪ واقعي کانپوءِ علائقي ۾ ڏک ۽ ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي، جڏهن ته واقعي جي جاچ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جا مطالبا زور وٺي ويا آهن. شروعاتي اطلاعن موجب عورت جي طبيعت خراب ٿيڻ تي سندس وارث کيس ڄاڻايل خانگي ڪلينڪ کڻي آيا، جتي مبينا طور انجيڪشن لڳائڻ کانپوءِ سندس حالت اوچتو خراب ٿي وئي. عورت جي طبيعت وڌيڪ بگڙڻ تي کيس فوري طور طبي امداد لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر هوءَ زندگي جي جنگ هارائي وئي فوت ٿي ويل عورت جي سڃاڻپ نجمہ زال قمر، عمر 45 ورهيه طور ٿي آهي. واقعي کانپوءِ وارثن ۾ ڏک ۽ افسوس جي لهر ڇانئجي وئي، جڏهن ته علائقي واسين پڻ سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي علائقي واسين ۽ شهرين لاڳاپيل صحت کاتي ۽ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته مبينا غلط انجيڪشن لڳڻ واري واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي، عورت جي فوت ٿيڻ جا اصل ڪارڻ معلوم ڪيا وڃن ۽ جيڪڏهن طبي غفلت ثابت ٿئي ته ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي شهرين وڌيڪ مطالبو ڪيو آهي ته علائقي ۾ قائم خانگي ڪلينڪن جي ڪارڪردگي، ڊاڪٽرن جي قابليت ۽ علاج جي سهولتن جي پڻ جاچ ڪئي وڃي، جيئن انساني زندگين سان لاپرواهي ڪندڙن خلاف اثرائتا قدم کڻي سگهجن.