بدين ڪورٽ ٻاهران پيشي تي آيل نوجوان قتل
هٿياربندن جي فائرنگ ۾ انور چانڊيو مارجي ويو، 2 جوابدار گرفتار
بدين سيڪشن ڪورٽ ٻاهران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، پوليس پاران 2جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ، پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربندن جي فائرنگ ۾ فتح آباد واسي انور چانڊيو زخمي ٿيڻ بعد اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، ڪارروائي ڪندي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.