جي يو آءِ گڏاپ جي اڳواڻن پاران مولانا فضل الرحمان خلاف ناڪاري پروپيگنڊا جي مذمت
مولانا فضل الرحمان جي گهر جي مبينا ڊرون نگراني ۽ گهر جو تقدس پائمال ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) جمعيت علماءِ اسلام گڏاپ جي اڳواڻن قاري حمدالله حقاني، جنرل سيڪريٽري گڏاپ، قاري محمد احسن، نائب امير گڏاپ، قاري عنايت الله عباسي، سرپرست گڏاپ، احسان الله مسعود، مفتي عبدالشڪور، قاري ثناءُ الله عثماني ۽ عطاءُ الله بلوچ عوامي پريس ڪلب ملير ۾ هڪ ڀرپور پريس ڪانفرنس ڪندي جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان خلاف جاري منفي پروپيگنڊا جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ ان کي فوري طور بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو جمعيت علماءِ اسلام گڏاپ جي اڳواڻن چيو ته مولانا فضل الرحمان ملڪ جي هڪ سينيئر سياسي ۽ مذهبي اڳواڻ آهي، جنهن ڊگهي عرصي کان ملڪ ۾ جمهوريت، انساني حقن، آئين جي بالادستي ۽ عوامي حقن جي تحفظ لاءِ جدوجهد ڪئي آهي. جمعيت علماءِ اسلام هر دور ۾ عوامي ۽ آئيني حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ملڪ ۾ جمهوري نظام جي مضبوطيءَ لاءِ هميشه ميدانِ عمل ۾ موجود رهي آهي هنن چيو ته جمعيت علماءِ اسلام جا لکين جانثار ڪارڪن پنهنجي مرڪزي قيادت جي حڪمن جا منتظر آهن ۽ پارٽي قيادت جي هر جائز ۽ جمهوري فيصلي تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار آهن. اڳواڻن واضح ڪيو ته جمعيت علماءِ اسلام جا ڪارڪن پنهنجي جماعت ۽ قيادت خلاف ڪنهن به قسم جي بي بنياد ۽ منفي پروپيگنڊا کي برداشت نه ڪندا پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اڳواڻن مولانا فضل الرحمان جي گهر جي تقدس جي مبينا پائمالي تي پڻ سخت ڳڻتي ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هنن چيو ته مولانا فضل الرحمان جي گهر مٿان ڊرون ذريعي مبينا طور نگراني ڪرڻ ۽ وڊيوز ٺاهڻ وارو عمل انتهائي مذمت جوڳو آهي، جنهن سان هڪ خاندان جي ذاتي زندگي ۽ گهر جي تقدس جي ڀڃڪڙي ٿي آهي هنن مطالبو ڪيو ته ان واقعي جو فوري نوٽيس ورتو وڃي مولانا فضل الرحمان ۽ سندس گهر ڀاتين جي ذاتي زندگي ۽ گهر جي تقدس جو مڪمل احترام يقيني بڻايو وڃي ۽ سندس خلاف جاري منفي پروپيگنڊا کي فوري طور بند ڪيو وڃي جمعيت علماءِ اسلام گڏاپ جي اڳواڻن چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت، آئين، بنيادي انساني حقن ۽ عوامي آزادين جي تحفظ لاءِ سندن جدوجهد جاري رهندي. ڪنهن به قسم جي دٻاءُ، منفي پروپيگنڊا يا غير جمهوري هٿڪنڊن ذريعي جمعيت علماءِ اسلام جي قيادت ۽ ڪارڪنن جا حوصلا پست نٿا ڪري سگهجن.