جمعرات، 05 نومبر 2026
بریکنگ

عمرڪوٽ پوليس پاران 3 منشيات فروش گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

سنڌي خبرون 04th Nov 2026 13 مناظر
عمرڪوٽ پوليس پاران 3 منشيات فروش گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

مختلف ڪارروائي دوران 3 منشيات فروشن کي گرفتار ڪيو ويو: پوليس

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ پوليس صحت لاءِ نقصانڪار گٽڪي ۽ مين پڙي جي غيرقانوني ڪاروبار خلاف ڪارروائي ڪندي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جن جي قبضي مان 90 هزار 500 گٽڪا ۽ مين پڙي، ٻه ڪارون، ٻه موبائل فون ۽ 5 هزار رپيا نقد رقم هٿ ڪئي وئي آهي، ايس ايس پي عمرڪوٽ سهائي عزيز ٽالپر QPM، PSP جي خاص هدايتن تي ضلعي ۾ صحت لاءِ ھاڃيڪار گٽڪي ۽ مين پڙي جي ڪاروبار خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تحت ڪارروايون جاري آهن، ان سلسلي ۾ عمرڪوٽ سٽي ٿاڻي جي پوليس ڪارروائي ڪندي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو، پوليس موجب گرفتار جوابدارن ۾ رائمل ولد بيڙو ڀيل، پرڪاش ولد سوڀيو ڀيل ۽ سوڀيو ولد جوڌيو ڀيل شامل آهن، جيڪي برهون، تعلقو شهدادپور، ضلعي سانگهڙ جا رهواسي آهن، پوليس موجب جوابدارن وٽان آداب جا 850 پيڪٽ، جن ۾ 85 هزار پڙيون، جڏهن ته سفينه جا 50 پيڪٽ، جن ۾ 5 هزار 500 پڙيون شامل آهن، برآمد ڪيا ويا، ان کان علاوه 5 هزار رپيا نقد رقم، ٻه موبائل فون، اڇي رنگ جي ليانا ڪار نمبر ALW-2930 ۽ اڇي رنگ جي ڪورِي ڪار نمبر AACV-691 پڻ تحويل ۾ ورتيون ويون، پوليس موجب گرفتار جوابدارن خلاف عمرڪوٽ سٽي ٿاڻي تي ڪيس نمبر 278/2026، سنڌ گٽڪا ۽ مين پڙي ايڪٽ 2019ع جي قلم 4، 5 ۽ 8 تحت داخل ڪري وڌيڪَ قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، ان موقعي تي ايس ايس پي عمرڪوٽ سهائي عزيز ٽالپر چيو ته نوجوان نسل کي مضر صحت گٽڪي ۽ مين پڙي جي نقصانڪار اثرن کان بچائڻ ۽ عوام جي صحت جو تحفظ يقيني بڻائڻ لاءِ اهڙي غيرقانوني ڪاروبار ۾ ملوث عنصرن خلاف بنا ڪنهن فرق جي قانوني ڪارروائي جاري رهندي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ