انٽر بورڊ لاڙڪاڻي پاران نتيجا پڌرا، عبدالرئوف وساڻ جي پهرين پوزيشن
عبدالرئوف ولد اختر علي وساڻ 987 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي
لاڙڪاڻو (رپورٽر) انٽر بورڊ لاڙڪاڻي پاران سال 2023 جا امتحاني نتيجا پڌرا ڪيا ويا آهن، جاري ڪيل نتيجن موجب ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي شاگرد عبدالرئوف ولد اختر علي وساڻ 987 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي، جنهن جي خوشي ۾ سندس والدين، مٽن مائٽن ۽ عزيزن پاران گلن جا هار پارائي کيس مبارڪون ڏنيون ۽ مٺائي پڻ ورهائي وئي. شاگرد جي والدين پاران سندس پوزيشن کڻڻ کانپوءِ خوشي جو اظهار ڪندي کيس ڪيل محنت کي ساراهيو ۽ اڳتي به ڪاميابي لاءِ دعائون ڪيون.