جمعرات، 05 نومبر 2026
بریکنگ

ڪنڌڪوٽ ويجھو مريض کي شھر کڻي ويندڙ ڪار تي فائرنگ، ھڪ ڄڻو قتل

سنڌي خبرون 22nd Sep 2023 417 مناظر

فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪار سوار مختيار گولو مارجي ويو جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو

ڪنڌڪوٽ(رپورٽر)ڪنڌڪوٽ ويجهو ڀنر واري علائقي مان مريض کڻي شهر طرف ايندڙ ڪار مٿان نامعلوم هٿياربندن انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني.فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪار سوار مختيار گولو مارجي ويو جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.ڪار ڊرائيور ڪار کي ڀڄائي پڪي تي پهتو ۽ ڪنڌڪوٽ پهچي ڪار سوار پوليس کي تفصيل ڏنا ته ڀنر کان شهر طرف اچي رهيا هئاسين ته نامعلوم هٿياربندن ڪار مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گاڏي کي گوليون لڳيون ۽ هڪ ڄڻو مختيار گولو مارجي ويو ۽ ميران بخش گولو زخمي ٿي پيو.پوليس موجب پولس علائقي ۾ ناڪابندي ڪري ڇڏي پر هٿياربند واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويا.جڏهن ته ڪار سوار ڊرائيور پاران مارجي ويل نوجوان ۽ زخمي کي ڪنڌڪوٽ سول اسپتال منتقل ڪيو جتان ضروري ڪاروائي بعد مقتول جو مڙه وارثن حوالي ڪري ڇڏيو ۽ زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ريفر ڪيو ويو.مقتول جو مڙه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ