بدھ، 04 نومبر 2026
بریکنگ

نوشھروفيروز ۾ ريلوي پوليس جو مبينا قبضي خلاف آپريشن

سنڌي خبرون 04th Nov 2026 2 مناظر
نوشھروفيروز ۾ ريلوي پوليس جو مبينا قبضي خلاف آپريشن
نوشهروفيروز(ڊ ر) ريلوي اسٽيشن وٽ ريلوي پوليس جو سرچ آپريشن، غيرقانوني ڪيبن، هوٽلن ۽ حددخلين خلاف ڪارروائي نوشهروفيروز ريلوي اسٽيشن روڊ تي سي آءِ اي سينٽر ڀرسان ريلوي پوليس پاران غيرقانوني طور قائم ڪيل ڪيبنن، هوٽلن ۽ ٻين حددخلين خلاف سرچ آپريشن ڪيو ويو. آپريشن دوران ريلوي پوليس اهلڪارن علائقي جو معائنو ڪري غيرقانوني قبضي ۽ حددخلين خلاف ڪارروائي ڪئي. ريلوي پوليس جي اهڙي آپريشن جو مقصد ريلوي جي زمين تان غيرقانوني قبضا ختم ڪرائڻ، رستي کي صاف رکڻ ۽ آمدرفت ۾ پيش ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ٻڌايو پيو وڃي. ريلوي پوليس اختيارين جو چوڻ هو ته ريلوي جي زمين تي غيرقانوني قبضا ۽ حددخليون ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيون وينديون، جڏهن ته اهڙي قسم جون ڪارروايون جاري رهنديون.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ