English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ پليو مستوئي واسين جو ٻن ڄڻن جي قتل خلاف احتجاج
views
|
15th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
پيار پرڻو ڪندڙ جوڙي سان ڪو به تعلق يا ويجهڙائي نه هجڻ باوجود حملو ڪيو ويو: موريل مستوئي
نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز ڳوٺ پليو مستوئي ۾ پيار جي پرڻي تان ٿيل خونريزي وارو معامرو ، مستوئي برادري جي ماڻهن پاران پريس ڪلب پهچي احتجاجي پريس ڪانفرنس ڪئي وئي ڳوٺاڻن محمد موريل مستوئي، صدورو خان ۽ غلام مصطفا مستوئي ۽ ٻين چيو ته پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي واري ڌر سان اسان جي ڪابه ويجهڙائپ يا مٽي مائٽي ناهي باقي ذات وارا آهن ان جي باوجود به سيالن هٿياربند ٿي اسان جي گهرن تي حملو ڪري ٻن نوجوانن صفدر علي ۽ پياري مستوئي کي بيگناھ قتل ڪيو ۽ ايڊووڪيٽ برڪت علي مستوئي سميت پنجن ڄڻن کي زخمي ڪيو آهي هنن چيو ته جوبدار سرائي حبيب الله سيال، مظفر سيال، شير خان سيال، دلدار ، فهيم سيال ۽ ٻيا اڃان تائين به اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته جيڪڏهن ڪيس تان هٿ نه کڻندو ته جاني توڙي مالي نقصان پهچايو ويندو جن ماڻهو به اسان جا قتل ڪيا آهن ۽ ميڊيا تي غلط بياني ڪري پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن هنن آءِ جي پي سنڌ، ڊي آءِ جي پي شهيد بينظير آباد، سيشن جج نوشهروفيروز، ايس ايس پي نوشھروفيروز کان مطالبو ڪيو ته اسان جي نوجوانن جي قاتلن جيڪي سري عام گهمي رهيا آهن انهن کي گرفتار ڪيو وڃي جي نه ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
موريل مستوئي
نوشهروفيروز
0 تبصرے