English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جو عوام ڪرپٽ مافيا جي گھيري ۾ آھي، آبادگار پاڻي لاءِ پريشان آهن: اياز لطيف پليجو
views
|
22nd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
حيدرآباد (بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي جيستائين اقتدار ۾ رھندي تيستائين سنڌ جا ماڻهو ان مان چڳائي جي اميد نہ رکن سنڌ جو عوام ڪرپٽ مافيا جي گھيري ۾ آھي. برساتن کانپوءِ سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي صورتحال بهتر ٿيڻ باوجود سنڌ حڪومت شاخن ۽ واهن جي وقت سر کانٽي ۽ صفائي نہ ڪرائڻ ڪري پوڇڙ ۾ پاڻي اڃان تائين نہ پھچي سگھيو آهي سجاول، بدين، سانگھڙ، ٽنڊو محمد خان جي ضلعن جي پوڇڙ وارا آبادگار سراپا احتجاج بڻيل آهن ايريگيشن کاتو ڪرپشن جي ڪينسر ۾ ورتل آهي شاخن، واھن ۽ سم نالين جي کانٽين ۽ صفائي جي نالي ۾ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي اياز لطيف پليجي چيو تہ واھن، شاخن سم نالين، ڪينالن ۽ پنڃاري جي کاٽي ۽ صفائي ناھي ٿي بند مضبوط نہ آهن.ٻوڏ دوران حڪومتي نمائندن، وزيرن جون زمينون ۽ فصل بچائڻ لاءِ ھترادو گھارا ھڻي غريب ماڻھن جا ڳوٺ ۽ ننڍن آبادگارن جا فصل ٻوڙائي ڇڏين ٿا.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي زرعي معيشت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو پيو وڃي، جيڪو دراصل ملڪ جو نقصان آھي. سنڌ ۾ ڪمند، ڦٽيون، ساريون ۽ ٻيا فصل پوکيل آھن، انھن فصلن لاءِ پاڻي گھرجي، جيڪڏھن اھي فصل سڪي ويا تہ اربين روپين جو نقصان ٿيندو. اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ ڪرپشن ملڪي معيشت جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آھي. نيب، ايف آئي اي ۽ اينٽي ڪرپشن کي ڪرپٽ ماڻھن جي ڪنٽرول ۾ آھن. ملڪ ۽ قومي شفافيت سان ترقي ڪن ٿيون. ڪرپٽ وزيرن ۽ ڪامورن کي گرفتار ڪري انھن کي جيل موڪليو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪي تاريخ ۾ ڪنھن بہ ڪرپٽ وزير کي گرفتار ڪري سزا ناھي ڏني وئي، جنھنڪري پٽيوالي جي نوڪري کان وٺي اعلي پوسٽون ڪروڙين روپين ۾ وڪرو ٿين ٿيون. جيڪي ڪامورا پئسا ڏئي مقرر ٿين ٿا، آھي عوام جي دولت تي اچي ڌاڙا ھڻن ٿا. ڪنھن بہ آفيس ۾ عوام جو ميرٽ تحت ڪم نٿو ٿئي. ترقياتي ڪمن جا ٺيڪا وڪامن ٿا ۽ پوءِ ناقص ڪم ڪري اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي وڃي ٿو، اھڙي صورتحال ۾ سنڌ ۽ ملڪ ڪيئن ترقي ڪري سگھي ٿو. عوام جي حقن تي ڌاڙا ھنيا وڃن ٿا. ميرٽ، قانون، آئين جون ڌڄيون اڏايون وڃن ٿيون. اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاقي حڪومت اقتداري مصلحت تحت 18 سالن کان سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنائي ڇڏيو آھي. پيپلز پارٽي کي سنڌ لٽڻ لاءِ ڏني وئي آھي ۽ ان جي بدلي ۾ سنڌ جي وسيلن تي وفاق ڌاڙا ھڻي رھيو آھي. ڪرپشن ۽ سنڌ دشمنيءَ جو اھو ملڪ دشمن سلسلو بند ڪيو وڃي. ميرٽ ۽ شفافيت کي قائم ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
0 تبصرے