English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اسٽيل ٽائون پوليس پاران گرفتار پپري نوجوان جا وارث پريس ڪلب پهچي ويا، پوليس تي الزام
views
|
05th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
پوليس فدا لانگاهه کي بس اڏي تان کنڀي سندس کيسي مان 4 لک کپي چرس رکڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي: وارث
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)اسٽيل ٽائون پوليس پپري جي رهواسي نوجوان کي بس اڏي تان گرفتار ڪري کيسي مان 4لک روپيا ڪڍي چرس رکڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، نوجوان فدا لانگاھ پپري ۾ جڳا وڪرو ڪري 4لک کڻي ڳوٺ وڃي رهيو هو ته اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي سپاهي آصف عباسي پيسن جي موجودگي تي کيس پڪڙي ٿاڻي منتقل ڪيو ۽ ايس ايچ او سان صلاح ڪري مٿس چرس جو ڪيس مڙھي ڇڏيو وارثن ۽ لانگاھ تنظيم جي عهديدارن جو احتجاج انتظامي آفيسرن کي پريس ڪانفرنس جي ذريعي آگاهي ۽ انصاف لاء اپيل تفصيل موجب آل پاڪستان لانگاھ جماعت سنڌ جي سينيئر وائس چيرمين حاجي منور لانگاھ ڪراچي جي صدر عزيز لانگاھ ضمير لانگاھ ۽ نذاڪت لانگاھ عوامي پريس ڪلب ملير ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسٽيل ٽائون جي اڳوڻي ايس ايچ او طاهر قادري ۽ سپاهي آصف علي عباسي خلاف سخت احتجاج ڪندي الزام هنيو آھي.ته ڪجھ ڏينهن اڳ اسان جي برادري جو نوجوان فدا لانگاھ پپري ۾ جڳه وڪڻي 4لک روپيا کڻي ڳوٺ وڃي رهيو هو ته سپاهي آصف علي عباسي کي مختلف ذريعن وٽان خبر پئي ته فدا وٽ 4لک روپيا آھن ڄاڻايل سپاهي اڳوڻي ايس ايچ او طاهر قادري جي چوڻ تي بس اڏي تان فدا لانگاھ کي ٿاڻي وٺي آيو جتي سندس کيسي مان 4لک روپيا ۽ موبائل فون ڪڍي کيس چرس رکڻ جي ڏوھ ۾ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو هنن چيو ته پوليس کاتي ۾ موجود ڪارين رڍن پوليس کاتي کي بدنام ڪري ڇڏيو آھي جنهن سبب شاھ لطيف ٿاڻي ۾ نوجوان جي قتل ٿيڻ جھڙا واقعيا پيش اچي رهيا آھن هنن چيو ته اسٽيل ٽائون پوليس جي ڄاڻايل سپاهي ۽ ايس ايچ او جي نوجوان سان ڪيل ظلم کي عدالت ۾ وائکو ڪيو ويندو ان سلسلي ۾ سنڌ جو وڏو وزير آئي جي سنڌ ڊي آئي جي ايسٽ ذون ۽ ايس ايس پي ملير فوري طور نوٽس وٺي اڳوڻي ايس ايچ او طاهر قادري ۽ سپاهي آصف عباسي خلاف انڪوائري ويهاري نوجوان فدا لانگاھ تي مڙھيل ڪوڙو ڪيس ختم ڪرائي ڦريل 4لک روپيا واپس ڪرايا وڃن هنن چتاء ڏنو ٿه جيڪڏهن اڳوڻي ايس ايچ او اسٽيل ٽائون ۽ سپاهي خلاف قانوني ڪاروائي ڪري پيسا واپس نه ڪرايا ويا ته نه رڳو قانوني چارا جوئي ڪئي ويندي پر عوامي ۽ برادري بنيادن تي احتجاجي.مظاھرا ڪري ڌرڻا هنيا ويندا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اسٽيل ٽائون پوليس
پوليس تي الزام
0 تبصرے