عمرڪوٽ (ڊ ر) عيدِ غدير جو باوقار ۽ روح پرور جشن عمرڪوٽ جي مشهور هنڌ خاصخيلي چوڪ تي شاندار نموني سان ملهايو ويو، جتي هزارين مؤمنن، اهل بيت سان محبت ڪندڙن ۽ مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن شھرين سول سوسائٽي شرڪت ڪئي، هي عظيم آلشان جشن نوجوان خاصخيلي اتحاد ۽ رحيمداڻي برادرز جي اهتمام سان منعقد ٿيو، جنهن ۾ اسد علي ڀرڳڙي، عادل حسين رحيمداڻي، فقير گلڻ خاصخيلي، امير بخش رحيمداڻي، ملير خان خاصخيلي، مولائي سيف اللہ خاصخيلي ۽ ٻين ڀرپور رول ادا ڪيو، جشن جي خاص مهمان ۽ مرڪزي خطيب علامه شاهد عباس شمسي (آف ملتان) پنهنجي خطاب ۾ چيو تہ چوڏھين صدي اڳ اسان جي آقا ﷺ اعلان ڪيو هو ته جنهن جو مان مولا آھيان، ان جو علي مولا آھي، هي رڳو هڪ تاريخي جملو ناهي، پر عبادت ۽ عشق جو درس آھي، اڄ دنيا ۾ مظلوم مسلمانن تي ظلم ٿي رهيو آهي، خاص ڪري فلسطيني مسلمانن جو قتل عام جاري آھي، اسرائيل هڪ دهشتگرد رياست آهي، جيڪا معصوم ٻارن سميت بيگناهه فلسطيني ماڻهن کي قتل ڪري رهي آهي، ۽ دنيا خاموش تماشائي بڻيل آهي، امت مسلمه کي گهرجي ته هڪ ٿي ظلم جي قوتن خلاف بيهي، اتحاد قائم ڪري، علامه شمسي وڌيڪ چيو تہ جنهن وقت رسول پاڪ ﷺ حضرت عليؓ جو هٿ پڪڙي ولايت جو اعلان ڪيو، تڏهن سڀ کان اڳ حضرت عمرؓ حضرت عليؓ کي مبارڪباد ڏيندي چيو اي علي، توهان کي مبارڪ هجي، هاڻ توهان اسان جا به مولا آهيو، هي اتحاد، هي ڀائيچارو ئي اسلام جو اصل چهرو آھي، ان موقعي تي مشهور قصيده خوان علامه ارشاد عرفاني ۽ اقبال فقير پنهنجي پرجوش قصيدن ۽ خطاب سان روح کي وڻائيندڙ ماحول پيدا ڪيو، سينيئر صحافي ۽ سماجي اڳواڻ رسول بخش رحيمداڻي علامه شاهد شمسي کي سنڌي ثقافت اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو، جڏهن ته ملير خان خاصخيلي علامه ارشاد عرفاني کي اجرڪ تحفي طور ڏنو، اسد الله خان ڀرڳڙي پاران عيد غدير جي موقعي تي خاص طور تي تيار ڪرايل وزني ۽ وڏو ڪيڪ ڪٽو ويو، جيڪو علامه شاهد شمسي، ارشاد عرفاني، رسول بخش رحيمداڻي، اسد ڀرڳڙي ۽ ٻين معزز شخصيتن گڏجي ڪٽيو، آخر ۾ دعائن ۾ فلسطين ۽ ايران جي فتح، پاڪستان جي سلامتي ۽ امت مسلمه جي اتحاد لاءِ دعائون گهريون ويون، آخر ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ نياز پڻ ورهايو ويو.
0 تبصرے