ملير: ڀٽائي آباد ۾ سوين ماڻھو پاڻي جي کوٽ ۽ لوڊشيڊنگ خلاف روڊن تي نڪري آيا

ملير: ڀٽائي آباد ۾ سوين ماڻھو پاڻي جي کوٽ ۽ لوڊشيڊنگ خلاف روڊن تي نڪري آيا

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي يوسي 10 ڀٽائي آباد ۾ هٿرادو پاڻي جي کوٽ ۽ بدترين لوڊشيڊنگ خلاف سول سوسائٽي، جماعت اسلامي، تحريڪ انصاف، مسلم ليگ فنڪشنل پاران سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.ان موقعي تي خطاب ڪندي انجينيئر عمر فاروق , انور صالح ۔اعجاز صديقي اورنگزيب احمد ۽ گل حسن سومري الزام هنيو ته ڀٽائي آباد ۾ ڄاڻي واڻي پاڻي جي کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، جڏهن ته علائقي جو پاڻي غير قانوني ڪنڪشنز ذريعي ڀرپاسي جي سوسائٽين ۽ فليٽن کي فراهم ڪيو پيو وڃي، جنهن جي پويان ايڪسئن سليم سومرو ۽ وائس چيئرمين اي ڊي سومرو شامل آهن.احتجاج ڪندڙن چيو ته اي ڊي سومرو جي نگرانيءَ ۾ علائقي جي هر گهر کان غير قانوني نموني سان پاڻي جي مد ۾ 200 کان 500 رپيا في فيس ورتي پئي وڃي، جنهن جو ڪو به واٽر بورڊ جو باقاعده بل ناهي.اڳواڻن جو مطالبو هو ته پاڻي جي هٿرادو کوٽ ختم ڪري، واٽر بورڊ پاران قانوني بلنگ جو شفاف نظام لاڳو ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ايندڙ احتجاج وڌيڪ وڏي پيماني تي ڪيو ويندو