نوشهرو فيروز جي مهراڻ فٽبال ڪلب ۾ هڪ تاريخي بين المذاهب برادري جو فٽبال ميچ منعقد

نوشهرو فيروز جي مهراڻ فٽبال ڪلب ۾ هڪ تاريخي بين المذاهب برادري جو فٽبال ميچ منعقد

نوشهرو فيروز: ڪليڪٽو پاڪستان پاران، پيس اينڊ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي تعاون سان، مهراڻ فٽبال ڪلب ۾ هڪ تاريخي بين المذاهب برادري جو فٽبال ميچ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ غير مسلم ۽ مسلم برادرين جي لڳ ڀڳ 40 نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين حصو ورتو. ميچ کان اڳ، شرڪت ڪندڙ هڪ دائري ۾ ويٺا ۽ برادرين ۾ ورهاست، نفرت انگيز تقرير ۽ ڳالهه ٻولهه جي کوٽ جهڙن موضوعن تي کليل طور تي بحث ڪيو. جڏهن ته ڪيترن ئي نوجوانن امتيازي سلوڪ جون ذاتي ڪهاڻيون پڻ شيئر ڪيون. ان موقعي تي، ڪليڪٽو پاڪستان جي باني سمير علي خان چيو ته حقيقي امن جي بنياد ڳالهه ٻولهه، رحم ۽ باهمي سمجهه آهي. جڏهن نوجوان اڳواڻي ڪن ٿا، ته اهي نفرت کي اميد سان تبديل ڪن ٿا.جڏهن ته مقامي نوجوان اڳواڻن پڻ مبصر طور موجود هئا، جن هن قدم جي مڪمل حمايت ڪئي.ٻئي پاسي مهراڻ فٽبال ڪلب جي باني مديحا چيو ته هي ميچ صرف هڪ راند نه هئي، پر نوجوانن جي اڳواڻي ۾ اتحاد، احترام ۽ امن جي علامت هئي. شرڪت ڪندڙن نفرت انگيز تقرير کان پاسو ڪرڻ جو واعدو ڪيو، چاهي اهڍ آن لائن هجي يا آف لائن، ۽ پنهنجي برادرين ۾ احترام واري ڳالهه ٻولهه کي فروغ ڏيڻ جو وچن ورجايو. ميچ جي آخر ۾ ڪنهن کي به فاتح قرار نه ڏنو ويو ته جيئن پيغام عالمگير هجي۔ امن لاءِ گول ڪريو. همدرديء سان راند ڪريو. دليون کٽيو ۽ مهربان ٿيو.